مختصر خبرون

عوام جو تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي اولين ذميواري آهي: ڊي آءِ جي سکر

سکر(بيورورپورٽ)ڊي آءِ جي سکر ريجن سيد عباس بخاريءَ چيو آهي ته عوام جو تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي اولين ذميواري آهي. نوشهروفيروز، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي ويئي آهي. جڏهن ته سکر ۾ جرائم جي خاتمي لاءِ ايس ايس پي کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر ضلعي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۽ عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ڪرڻ متعلقه ايس ايس پيز جي فرضن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود ڊي آءِ جي آفيس ۾ شڪايتون موصول ٿيندي ئي ڪارروائي جا احڪامات ڏنا ويندا آهن. ڊي آءِ جي ظفر عباس بخاريءَ وڌيڪ چيو ته ان پاران ٺاهيل اسپيشل ٽيم ايران کان اسمنگل شده تيل جي سکر ۾ غير قانوني وڪرو ڪپڙا، پاران پراگ ۽ پرچي جوا جي اڏن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٿاڻن تي ڊيوٽين تي رکيل اهلڪاراسپيشل ٽيم جي ڪارروائي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ ۾ مصروف آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button