خيرپور

صحت ۽ تعليم جي ٻنهن شعبن ۾ ضلعي خيرپور اندر وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو پيو وڃي: ڊي سي او خيرپور

خيرپور: ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ سچل آڊيٽوريم ۾ پوليو جي بيماري کان بچاءُ جي آگاهي واري مهم جي حوالي سان صحت کاتي خيرپور پاران منعقد ڪرايل هڪ ڏينهن واري سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته پوليو جي موذي مرض کان بچڻ لاءِ بچاءُ جي اپائن کي وڌ ۾ وڌ هٿي ڏني پئي وڃي جنهن ۾ پوليو جي بيماري کان بچاءُ جا ڦُڙا ضلعي جي هر ڳوٺ ۾ پياريا پيا وڃن. هن چيو ته پوليو مهم۾ ضلعي جي صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ، صحت جي نيشنل پروگرام۽ عالمي ادارن جو وڏو ڪردار آهي پر انهن عملي کي وڌيڪ موثر ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت ۽ تعليم جي ٻنهن شعبن ۾ ضلعي خيرپور اندر وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته عوام جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ سرڪاري اسڪولن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي. ان موقعي تي سيمينار کي اِي ڊي او هليٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال، پي پي ايڇ آءِ جي اسسٽنٽ سپورٽ مئينيجر محمد علي سهتو، روٽرين شجاعت احمد صديقي، نيشنل پروگرم جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر نجف علي شاهه، ڊاڪٽر جُنيد ۽ صحت کاتي جي ٻين ڊاڪٽرن، مذهبي عُلمائن ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي پوليومهم ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام ورهايا ويا. جڏهن پوليومهم ۾ ضلعي اندر بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ يونين ڪائونسل جي معزور ليڊي هيلٿ ورڪر کي ڊي سي او خيرپور پاران پنج هزار روپيه نقد انعام ڏنا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button