مختصر خبرون
سکر ۾ وڌندڙ بدامني ،چوري جي وارداتن ۾ اضافي ۽ ڊي پي او خلاف مظاھرو
سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ وڌندڙ بدامني ،چوري جي وارداتن ۾ اضافي ۽ ڊي پي او خلاف سکر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ واپارين سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهري ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي آل سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي هارون ميمڻ، حاجي عبدالرزاق عاصي،سعيد مغل ۽ ٻين چيو ته پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۽ وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي عوام جي جان ۽ مال محفوظ ناهي جيڪڏهن ڪنهن شهري سان زيادتي ٿئي ٿي يا ڪنهن جي چوري يا ڦر لٽ ٿئي ٿي ته ان جو ڪوبه ازالو نه پيو ڪيو وڃي عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته چوري ۽ ڦر ٿيل سامان موٽائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويندا رڳو سفارشن تي ايف آءِ آر داخل ٿينديون آهن هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته عام سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي.