سکر

سکر ڀرسان کوسن ۽ پنهور برادري ۾ جاري خوني تڪرار لاءِ ڪوٺايل جرڳي ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي موجودگي ۾نبيرو ٿي ويو آهي

sukkur3 315x252سکر(رپورٽ:عمر سومرو) سکر ڀرسان کوسن ۽ پنهور برادري ۾ جاري خوني تڪرار لاءِ ڪوٺايل جرڳي ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي موجودگي ۾نبيرو ٿي ويو آهي ٻنهي ڌرين مٿان ستر لک روپيا ڏنڊ خبر موجب گذريل ٻن مهينن کان سکر جي دبر ٿاڻي جي حد ۾ شروع ٿيل کوسن ۽ پنهور برادري وچ ۾ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪالهه سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ ڪيل جرڳي اندر ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪندي مٿن0 7 لک روپين جو ڏنڊ وڌو ويو آهي جنهن ۾ هن مهل تائين 9 ڄڻا بي دردي سان قتل ٿي چڪا آهن جرڳو اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ ٿيو جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، غوث بخش خان مهر،صوبائي وزير مير عابد خان جتوئي،ڊاڪٽر ابرهيم جتوئي،سردار مقيم خان کوسو،مير بابل خان ڀيو،سردار محمد علي خان پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي متاثر ماڻهن جا بيان ٻڌڻ کان پوءِ في قتل جو ڏنڊ 5 لک روپيا مقرر ڪيو ويو پنهور برادري تي کوسا برادري جي 6 ڄڻن جي قتل ۽ 3 زخمين ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي2 3 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته کوسا برادري تي پنهور برادري جي 3 ڄڻن جي قتل ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻن جي زخمي ڪرڻ هڪ عورت کي اغوا ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو ان ۾ پنهور برادري جي سردار لعل محمد خان پنهور جو ڄاٽو به شامل هو ان جي قتل جو ڏنڊ 5 1 لک روپيا مقرر ڪيو ويو اهڙي طرح کوسا برادري تي ساڍا 5 3 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته 3 لک روپيا تڪراري زمين جا کوسا برادري تي وڌا ويا ٻئي برادريون قسطين ۾ ڏنڊ جي رقم ادا ڪنديون ان موقعي تي ٻنهي برادرين جا ڪيترائي ماڻهو موجود هئا جيڪي هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏئي رهيا هئا جرڳي سبب انتظاميا حفاظتي انتظام سخت ڪيا هئا سرپنچ ٻنهي ڌرين کي آئندو خونريزي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button