سکر

سکر جو 19 سالن جو نوجوان بيدردي سان قتل

سکر(بيورورپورٽ)سکر جي سائيٽ ايريا لڳ قائم ڳوٺ ڪريم بخش شيخ جي رهائشي نوجوان جو قريشي ڳوٺ ڀرسان سنڌو درياءَ مان لاش هٿ، مقتول کي ٻن کان پوءِ نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد ايڌي سينيٽر لاش کي دفنائي ڇڏيو. خبر موجب سکر جي سائيٽ واري علائقي ۾ قائم ڳوٺ ڪريم بخش شيخ جي رهائشي 19 سالن جو نوجوان نادر علي شيخ کي ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم ماڻهن فون ڪري گهرايو هو ۽ مقتول نوجوان ٻه گهر کان غائب رهڻ کان پوءِ نوجوان کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قريشي ڳوٺ ڀرسان سنڌو درياءَ جي ڪناري تي اڇلائي ڇڏيو. مقتول نوجوان جو لاش سول اسپتال سکر مان پوسٽ مارٽم بعد ايڌي سينٽر سکر لاش کي وارث قرار ڏيئي دفنائي ڇڏيو. مقتول نوجوان جي وڏي ڀاءُ محمد بخش شيخ ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ افطاري ٽائيم نامعلوم ماڻهن پاران منهنجي ڀاءُ کي فون ڪئي هئي. ۽ گهر کان وڃڻ کان پوءِ منهنجي ڀاءُ جو موبائل ٻه ڏينهن مسلسل بند ملندو رهيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ نامعلوم هٿياربندن منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري لاش سنڌو درياءَ ڀرسان اڇلائي ڇڏيو. جڏهن ته ان جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد ايڌي سينٽر وارن لاوارث قرار ڏيئي دفنائي ڇڏيو. مان پنهنجي مقتول بعد جي لاش جو فوٽو ڏسڻ بعد سڃاڻپ ڪئي. جڏهن ته قادرپور پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button