سيڪريٽري ثقافت سچل سرمست جي رح جي عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو
خيرپور : سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري لعل بخش منگي 14 رمضان المبارڪ کان شروع ٿيندڙ حضرت سچل سرمست رح جي 190 هين عرس مبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت، ڊي سي او ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري ثقافت کاتي پاران نئون تعمير ٿيل سچل ڪامپليڪس، تعمير ٿيندڙ سچل گيسٽ هائوس، محفلِ سماع هال ۽ درگاهه جي ٻين مختلف حصن جي مرمتي توڙي نئين تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته سچل سرمست جو 190 هين عرس مبارڪ ثقافت کاتو ۽ سچل سرمست ياگار ڪاميٽي جي گڏيل تعاون سان ملهايو ويندو جنهن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيو وينديون جنهن ۾ محفل سماع، سگهڙ ڪانفرنس ، ملاکڙو، نمائش، سچل جو ڪلام، ادبي ڪانفرنس، سچل سيمينار ۽ سچل مشاعرو کانسواءِ ڪيترا ئي ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويندا. جڏهن ته ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ٻُڌايو ته سچل سرمست جي 190 هين عرُس مبارڪ جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني ڪندو جڏهن ٻين مختلف تقريبن ۾ صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو، گهرو وزير منظور حسين وساڻ، ذوالفقار مرزا ۽ صوبي جي مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون مهمان خاص هونديون. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو سچل ڪامپليڪس ۽ محفلِ سماع هال جو افتتاح ڪندا جڏهن سرمست گيٽ هائوس ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جو سنگِ بنياد رکندا.