خيرپور

سنڌ ۽ خيرپور جي کارڪ پوري دنيا ۾ مشهور آهي. جڏهن ته ايڪسپورٽ جي لحاظ کان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي: قائم علي شاھ

خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۽ خيرپور جي کارڪ پوري دنيا ۾ مشهور آهي. جڏهن ته ايڪسپورٽ جي لحاظ کان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. هن اهڙو اظهار سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ کجور سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته کجور جون 200 کان وڌيڪ جنسون آهن. هن کارڪ جي صحيح پيڪنگ ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن کجور جي آبادگارن کي پيداوار جو صحيح اجورو ملي سگهي. وڏي وزير کجور ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو هن کجور تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي زراعت جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. سنڌ ۾ في ايڪڙ پيداوار وڌي آهي ۽ زراعت کاتي ڪڻڪ جون سٺيون جنسون متعارف ڪرايون آهن، جنهن سان ٻن سالن اندر سنڌ صوبي 4 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي آهي ۽ هن سال 8 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪنداسون. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته موجوده عوامي حڪومت غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي اثرائتا قدم کنيا آهن ۽ اسان جي حڪومت هن وقت تائين غريب عورتن ۾ زمين ورهائي آهي ته جيئن عورتن کي پاڻ ڀرو ڪري سگهجي. سيمينار ۾ سيڪريٽري انويسٽمينٽ محمد يونس ڍاڳا، سيڪريٽري ايگريڪلچر سنڌ آغا جان اختر ، جاويد شاهه جيلاني، ڪمشنر سکر ڊويزن مسٽر انعام الله خان ڌاريجو، مختلف آبادگارن سيمينار جي مناسبت سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مسٽر محمد عباس بلوچ کجور نمائش ۽ سيمينار جي مول متن کان آگاهي ڏني، بعد ۾ وڏي وزير ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ ڊاڪٽر نصير سوهو سان سندس گهر واري جي وفات تي تعزيت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button