سکر

سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڪنهن کي به داڙو هڻڻ ڪو نه ڏينداسون: اڳواڻ غضنفر شاهه موسوي

Sukkur.12سکر(بيورورپورٽ)مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ غضنفر شاهه موسوي چيو آهي ته مسلم ليگ پير سائين جي اڳواڻيءَ ۾ متحد ٿي چڪي آهي. ۽ سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان فعال ٿي رهي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڪنهن کي به داڙو هڻڻ ڪو نه ڏينداسون. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سکر شهر ۾ بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۾ اضافي کانپوءِ عوام تنگ ٿي چڪو آهي. جنهن سان ڪاروباري طبقي سميت غريب پورهيت بيروزگار ٿي رهيا آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر سيپڪو انتظاميه ڪيترائي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود تبديل ڪو نه ڪري رهي آهي. جنهن سان علائقي واسي گرمي کان تنگ ٿي ڪري روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. ۽ سکر شهر ۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري سکر واسي سخت پريشان آهن. هن چيو ته سکر شهر جو ڊرينيج سسٽم درست نه هجڻ ڪري تازو برسات سبب شهر جا ڪيترائي روڊ ۽ رستا تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا هئا ۽ برسات جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪاهي پيو. جنهن ڪري شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته سکر جو اهم مسئلو جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مختلف علائقن نئين پنڊ، اسلام ڪالوني، پراڻو سکر، نئون ڳوٺ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي ۽ علائقا ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. مگر نساسڪ انتظاميه شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. ۽ علائقي واسي پري پري وارن علائقن کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته شهر اندر صفائي جي صورتحال ابتر هجڻ ڪري روڊ ۽ رستن تي گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن جنهن ڪري مختلف بيماريون ڦهلجڻ جو انديشو آهي. هن چيو ته سکر کي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر جو اعزاز حاصل آهي. پر عوام جا مسئلا اڃان تائين حل نه ٿي سگهيا آهن ۽ ضلعي انتظاميه به عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت اعليٰ اختيارين کي مطالبو ڪندي چيو ته سکر جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button