سکر

حڪومت پاران خصوصي رمضان پيڪيج تحت سکر، خيرپور ضلعن جي 0 1 1 اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين سميت ٻيون شين جو اسٽاڪ اسٽورن تي پهچايو ويو

Ramadan al Mubarak Ramazanسکر(بيورو رپورٽ)حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽورز پاڪستان لاءِ رمضان المبارڪ پيڪيج لاءِ ڏنل ٻن ارب روپين جي سبسڊي سکر ۽ خيرپور ضلعن جي 0 1 1 اسٽورن تي گيهه، تيل، کنڊ، اٽو، چانور، مصالحه، چانهه، شربتن سميت ٻين شين جو اسٽاڪ پهچايو ويو آهي. عوام عام مارڪيٽ کان يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي شيون خريد ڪري سگهي ٿو. ضلعي حڪومت جي تعاون سان رمضان بچت بازار ۾ موبائل يوٽيلٽي اسٽورز به شروع ڪيا ويندا. اسٽورز جي چيڪنگ جي لاءِ هيڊ آفيس پاران ويجنلس ۽ مانيٽرنگ ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن. جيڪي ڪنهن اسٽور انچارج يا عملي پاران بدعنواني ، وڌيڪ پئسا وٺندي پڪڙيو ويو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ۽ ايف آءِ آر درج ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان سکر ريجن جي ريجنل منيجر مولابخش مغل، يوٽيلٽي اسٽورز روهڙيءَ جي دوري دوران صحافين سان ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران خصوصي رمضان پيڪيج تحت سکر، خيرپور ضلعن جي 0 1 1 اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين سميت ٻيون شين جو اسٽاڪ اسٽورن تي پهچايو ويو آهي. سبسڊي پيڪيج تحت گيهه، تيل جي پيڪنگ، مختلف داليون، اٽو، چانهه، صابڻ ، شيمپو وغيره. 0 1 فيصد جڏهن ته کنڊ جي قيمت 5 5 روپيا مقرر ڪئي ويئي آهي. تمام شهري رمضان پيڪيج تحت اسٽور تان خريداري ڪري سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button