اسلام آباد

بينظير ڀٽو کي ڏينهن ڏٺي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، قاتلن کي وائکو ڪرڻ ۾ ڪنهن به دلچسپي نه ورتي:چيف جسٽس

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي نئين ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سندس پروٽوڪول آفيسر چوڌري اسلم جي درخواست تي حڪومت کان گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جون رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جسٽس طارق پرويز ۽ جسٽس امير هاني مسلم تي ٻڌل بئنچ شهيد بينظير ڀٽو جي پروٽوڪول آفيسر چوڌري اسلم جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي چوڌري اسلم لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي ايف آئي آر ۾ جنرل پرويز مشرف، پرويز الاهي، اڳوڻي وزير حامد نواز، اڳوڻي سيڪريٽري ڪمال شاهه، بابر اعواڻ، رحمان ملڪ، اعجاز شاهه، سعود عزيز سميت ٻارنهن ماڻهن جا نالا داخل ڪيا وڃن، عدالت کي هن استدعا ڪئي ته سندس درخواست لاهور هائيڪورٽ مان رد ٿي آهي انهي ڪري هو سپريم ڪورٽ ۾ انصاف لاءِ آيو آهي انهي موقعي تي چيف جسٽس پڇيو ته گڏيل قومن محترمه بينطير ڀٽو جي قتل جي جاچ ڪئي هئي انهي جي سفارشن تي عمل ٿيو آهي يا نه؟هي اهم ڪيس آهي بينظير ڀٽو ملڪ جي اهم ليڊر هئي پرهن جي ڪيس ۾ ڪنهن جي دلچسپي ناهي، بينظير ڀٽو کي ڏينهن ڏٺي جو بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، نه ڪا انڪوائري ڪميشن ٺهي ۽ نه ئي ڪنهن قاتلن کي وائکو ڪرڻ ۾ دلچسپي ورتي. انهي معاملي کي اڇلائي نه ٿو سگهجي،اسان في الحال هن ڪيس ۾ ڪنهن کي نوٽس جاري نه ٿا ڪري سگهون پر هن ڪيس کي ٻڌنداسين، انهي لاءِ لارجر بنئنچ به جوڙينداسين،جسٽس طارق پرويز انهي موقعي تي چيو ته توهان انهي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيا هئا انهي جي ڪري اهڙي درخواست ڪري سگهو ٿا جنهن بعد سپريم ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو ڪيس جي رڪارڊ توڙي ڪيل جاچ جي روشني ۾ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتوآ هي اٽارني جنرل کي ٻن هفتن ۾ اهڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button