ٺٽو

بليڪ تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڊي سي جي حڪم تي ڇاپا ،32 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي شهر ۾ بليڪ تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي جي حڪم تي ڇاپا هڻي 32 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو ۽ پوليس کي ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊي سي او ٺٽو جي هدايتن تي مختيارڪار ٺٽو قاضي حمود الرحمان ۽ زراعت کاتي جي ڊي او ممتاز جنڊاڻ پوليس روينيو ۽ زراعت کاتي جي عملي سان گڏجي ٺٽي شهر ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ ڪري وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪندڙ دڪاندار واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي، ٺٽي شهر جي ٽن واپارين اشوڪ ڪمار، اقبال ميمڻ ۽ عبدالخالق ميمڻ تي 32 هزار رپيا ڏنڊ عائد ڪري ڏنڊ جي رقم وصول ڪئي جڏهن ته گدامن ۾ ذخيرو ڪري لڪايل ڀاڻ ضبط ڪري سرڪاري تحويل هيٺ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هوڏانهن پوليس کي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي واضح رهي ته ڀاڻ بليڪ ڪري 14 سئو بدران 19 سئو رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button