سکر

بلدياتي نظام جي ڪري سکر سميت سڄي ملڪ جي ڪروڙين عوام جا مسئلا گهر جي دروازي تي حل ٿيا:ڪميل حيدر شاھ

سکر(بيورو رپورٽ)ڊولپمنٽ ٽرسٽ ڪميونٽي امپرومنٽ(DTCE) جي ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه چيو آهي ته بلدياتي نظام جي ڪري سکر سميت سڄي ملڪ جي ڪروڙين عوام جا مسئلا گهر جي دروازي تي حل ٿيا. ماڻهن جو معيار زندگي بهتر ٿيو. موجوده حڪومت انگريز سامراج جو نظام بحال ڪري غريب عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي. جيڪڏهن موجوده حڪمرانن رڪاوٽ نه وڌي ته ترقياتي ڪم ڪرائي ڏيکارينداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن بندر روڊ تي (DTCE) يونين ڪائونسل نمبر 3 پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو سيد ڪميل حيدر شاهه جو چوڻ هو ته ماضي ريڪارڊ تي موجود آهي ته گذريل ڏهن سالن ۾ سکر سميت سڄي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ وڏي رقم سان ريڪارڊ ترقياتي ڪرام ڪرايا آهن. ۽ ان جو مثال گذريل 0 5 سالن جي دوران نٿو ملي. موجوده حڪومت بلدياتي نظام ختم ڪري ڪمشنري نظآم بحال ڪيو آهي ان جا انتهائي خراب اثر مرتب ٿيندا. ۽ ماڻهو پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ افسرن جي تابي نظر ايندا. هن چيو ته لاهور سان تعلق رکندڙ ڊي سي سکر کي عوام جي مسئلن ۽ شهر جر ترقي لاءِ ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي هن چيو ته بلدياتي نظام جي بحاليءَ جي لاءِ دانيا عزيز سميت اعليٰ قيادت ڊور ٽو ڊور ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ۽ هنن يوسي سطح تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جاري جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو آهي. شهري ۽ واپاري باشعور آهن اهي پنهنجي حق جو آواز بلند ڪندا رهندا آهن. هن ڊي ٽي سي جي ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي عوامي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي خطاب ڪندي سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان جي پهرين ڪوشش آهي ته واپارين ۽ شهرين جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ انهن جي مقصد جي لاءِ اسان ننڍن واپارين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي. اسان جي جدوجهد جو مقصد انهن کي حق ڏيارڻ آهي. اسان انتهائي مشڪور آهيون جو سيد ناصر حسين شاهه ۽ سيد ڪميل حيدر شاهه عوامي مسئلن جي حل لاءِ اسان جي آواز تي اسان گڏ لبيڪ چوندا آهن. ۽ اسان کي يقين ڏياريندا آهن ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور تعاون جاري رکندا. تقريب کي مهر گروپ جي اڳواڻ جميل سهتي چيو ته موجوده حڪمرانن کي هاڻي عوامي حڪومت چورائڻ جو ڪوبه حق ناهي هنن عوام سان جيڪي واعدا ڪيا کين اهي هاڻي وسري وياآهن سکر واسين سان زيادتي جي انتها ڪئي وئي آهي سکر جو واٽر پلانٽ خيرپور منتقل ڪيو ويو جيڪي پوئين دور ۾ شهر اندر فلٽر پلانٽ لڳايا ويا انهن جي مينٽيننس نه ڪرڻ جي ڪري هاڻي اهي بند پيا آهن جيڪا انتظاميا جي ناهلي آهي ايندڙ چونڊن کي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ملندي . ان موقعي تي يوسي 3 جو چيئرمين حافظ نديم، وائس چيئرمين محمد نعمان، حاجي محمد اعجاز ميمڻ، حاجي شفيع عباسي، غلام شبير ڀٽو، ذاڪر ٻنڌاڻي، برڪت سولنگي، عبدالرحيم سيٺي، رئيس قريشي، پرويز چنا اشفاق ڀٽي، مختيار مهر، لاله شاهين، فياض بٽ، نگار منگي ۽ ٻيا به موجود هئا. تقريب جي دوران آيل مهمانن کي سنڌ جو روايتي تحفو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهرايو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button