سکر

برسات کان متاثر ٿيل ماڻھن کي وطن ڪارڊ ڪجھھ ڏينھن اندر جاري ڪيا ويندا: قائم علي شاھ

سکر(رپورٽ ؛ عمر سومرو )سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ تازي برساتن سبب سنڌ جا 6 ضلعا بدين، مٺي، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، دادو، ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ۽ تازو برساتن سبب 1 1 لکن کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. برسات جي متاثر ماڻهن کي ريليف ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جن ۾ ڪجهه ڏينهن اندر وطن ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده برسات سبب بدين ضلعي کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ اٽڪل 0 4 هزار ماڻهو ريليف ڪيمپن ۾ پهتل آهن جن جي امداد جاري ڪئي آهي. ۽ بدين ضلعي جي گهرن ۽ فصلن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو معاوضو ڏنو ويندو. هن چيو ته جيستائين سمورا متاثر پنهنجي گهر ڏانهن واپس نه ويندا. تيستائين سک جو ساهه نه کنيو ويندو. بدين ضلعي جي پاڻي هيٺ آيل علائقن مان پاڻي جي نيڪاليءَ لاءِ فوري طور قدم کنيا ويندا جيئن ته آبادگار نئين سر پنهنجي زمين تي پوکائي ڪري سگهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف سماجي ادارن سان گڏجي سنڌ جي متاثر ضلعن جي عوام جي ڀرپور مدد ڪندي ۽ ريليف ڪيمپن ۾ متاثرين کي امدادي سامان خوراڪ کان علاوه دوائون پڻ متاثرن کي ڏنيون وينديون. هن چيو ته ريليف ڪيمپن ۾ ترتيب ٿيندڙ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي تعليم جي نظام کي جاري رکڻ لاءِ متبادل بندوبست ڪيو ويندو. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ موجوده حڪومت جا سمورا وزير متاثرن علائقن جي عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته سنڌ ڪابينا جا سمورا وزير ريليف ڪيمپن جا دورا ڪري متاثرن کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button