سکر

بارش جي اڳ ڪٿي با وجود ضلعي انتظاميه جي ڪن لاٽار

Raini roadسکر(بيورورپورٽ)تيز برساتن جي اڳ ڪٿي باوجود سکر جي ضلعي انتظاميه پاران ڪمزور عمارتن ڏانهن ڪا به توجهه نه ڏني. شهر ۾ هن وقت ڪجهه ڪمزور عمارتون موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. مگر هن ڳالهه کان قطعي نظر تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن انهن زبون حال ۽ ڪمزور عمارتن کي خالي نه ڪرايو ويو ۽ نئين عمارتن جي مالڪن خلاف ڪنهن قسم جي ڪارروائي نه ڪئي ويئي آهي. جنهن سان شهرين ۾ خوف ۽ حراس ڦهليل آهي. بئراج روڊ تي واقع گلستان هوٽل جي هن وقت انتظاميه جي بي حسي جو تصوير بڻيل آهي. مذڪوره هوٽل جي ڪمزوري جو اندازو ان ڳالهه کان لڳايو وڃي ٿو ته ان جي ڇت جي هڪ هڪ سر ڪري چڪي آهي. ۽ ڇت ۾ موجود لوهه نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته هوٽل جون دريون ۽ دروازا ٽٽي چڪا آهن. واضح رهي ته گلستان هوٽل جي هيٺيان قائم دڪانن تي خريدارن جو هجوم لڳو پيو هوندو آهي. ۽ سکر جي مصروف ترين روڊ بئراج روڊ تي واقع آهي جتي ڏينهن رات ماڻهن جي آمد و رفت جو سلسلو جاري رهندو آهي ۽ اها عمارت ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿي. سکر جي شهرين تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن کان مطالبو ڪيو آهي ته گلستان هوٽل جي عمارت کي مسمار ڪيو وڃي ته جئين ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button