خيرپور

آزادي وڏي نعمت هوندي آهي ۽ زنده قومون پنهنجا قومي ڏينهن جوش و جذبي سان مهلائينديون آهن: ڊي سي او خيرپور

DCO Meeting of 14th August2خيرپور : ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته آزادي وڏي نعمت هوندي آهي ۽ زنده قومون پنهنجا قومي ڏينهن جوش و جذبي سان مهلائينديون آهن. هن اهڙو اظهار پنهنجي آفيس ۾ ملڪ جي آزادي جي ڏينهن 14 آگسٽ تي مختلف تقريبون ملهائڻ جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي او گڏجاڻي ۾ ٻُڌايو ته 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو جڏهن ته مرڪزي تقريب ناز هاءِ اسڪول ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ قومي جهنڊي ڦڙڪائڻ کانسواءِ آزادي جا گيت ، ٽيبلو، تقريرون ۽ ٻيون سرگرميون منعقد ڪيون وينديون. ڊي سي او وڌيڪ ٻُڌايو ته هر تعلقي سطح تي پڻ آزادي جو ڏينهن گرم جوشي سان ملهايو ويندو ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين تعليم، روينيو، پوليس ۽ ٻين کاتن جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. گڏجاڻي ۾ تعليم، روينيو، پوليس، صحت ، اطلاعات ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button