خيرپور

آبپاشي کاتي اوڀر ڊويزن خيرپور جي واھن بند رکڻ جي پڌرائي

Canalخيرپور: آبپاشي کاتي اوڀر ڊويزن خيرپور جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر خيرپور فيڊر ايسٽ جي مختلف واهن ۽ ڪئنالن جي وارابندي جو پروگرام جوڙيو آهي جنهن ۾ گروپ پهرين ۾ خان واهه، صدا رنگ واهه، بلاول واهه، گبر مائينر، لُنڊي مائينر، ماڇي مائينر ، ڪلرا کان ٽي مُهي تائين 11 آگسٽ تائين صبح جو 6:00 وڳي تائين بند رهندا. جڏهن ته گروپ ٻئي ۾ ڪلرا مائينر، سانوري مائينر، ڌيندانو مائينر، سون واهه، سنيسا مائنير، موجائي مائينر، جوڻا مائينر، جلالاڻي مائينر کان ڪلرا مائينر تائين جا واهه 12 آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين صبح جو 6:00 وڳي تائين بند رهندا ته جيئن پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائي سگهجي ۽ واهن ۾ پوندڙ کنڊن کان پڻ بچي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button