ڪراچي

گورنر سنڌ جي استعيفيٰ معمو بڻجي ويو

khoroڪراچي: سنڌ جي وقتي گورنر نثار کهڙو چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ جي وزيرن جون استعيفائون قبول ڪرڻ جو اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو، متحده پاران وزارتن تان استعيفائون ڏنيون ويون آهن. هنن اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائون ناهن ڏنيون. هن چيو ته متحده جي وزيرن جو استيعفائون منظور ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ڪوبه وقت مقرر ناهي، متحده سان استيعفائن جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِڳالهيون جاري آهن. وقتي گورنر نثار کهڙو چيو ته گورنر استعيفيٰ ڏئي يا نه ڏئي پر آئون وقتي گورنر آهيان، 18هين ترميم تحت وقتي گورنر جو عهدو سنڀاليو آهي، نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته گورنر 8 ڏينهن موڪل گذارڻ لاءِ دبئي ويو آهي، هن جي استعيفيٰ اڃا تائين وصول نه ٿي آهي جيڪڏهن ان جي استعيفيٰ وصول ٿئي ها ته صدر مملڪت کي موڪلي وڃي ها، هن چيو ته متحده قومي موومينٽ وارن وٽ عشرت العباد جي استعيفيٰ جي ڪابي موجود آهي ته اسان کي ڏين ته جيئن صدارتي هائوس موڪلي سگهون. گورنر موڪل تي آهي باقي وڌيڪ مون کي ڄاڻ نه آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button