آرٽيڪل

گئس جي قيمتن ۾ واڌ

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
natural gas 1پاڪستان ۾ گئس جي گھرج ۾ لڳاتار واڌ ٿي رھي آھي ان جي نسبت پيداوار تمام گھٽ آھي، گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن جو منھن دنيا جي انھن تمام ملڪن کي آھي جتي توانائي جا قدرتي ذخيرا گھٽ آھن ۽ آبادي ۾ تيزي سان واڌ ٿي رھي آھي. پاڪستان بھ انھن ملڪن ۾ شامل آھي، جتي قدرتي وسيلن جو بي دردي سان استعمال ڪيو ويو، ھر سال لکين گھريلو، صنعتي ۽ تجارتي ڪنيڪشن بنا سوچي سمجھي ۽ بغير رٿابندي جي فراھم ڪرڻ جو نتيجو اڄ سامھون اچي رھيو آھي ۽ پوري قوم ان جا نتيجا ڀُڳتي رھي آھي. گئس جا موجودھھ ذخيرا تيزي سان گھٽبا پيا وڃن جڏھن تھ نوان ذخيرا ڳولڻ جي شرح اُھا ناھي جنھن جي ضرورت آھي. پاڪستان ۾ گئس جون قيمتون اڄ بھ پوري دنيا ۾ سڀ کان گھٽ آھن، دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ گئس سان وھجڻ جو پاڻي گرم ڪرڻ جي عياشي جو تصور نٿو ڪري سگھجي پر پاڪستان ۾ ڪروڙين ماڻھو قدرتي گئس جي ذريعي پاڻي گرم ڪن ٿا ۽ گيزر جي صنعت ھڪ تمام وڏي صنعت بڻجي چڪي آھي. گئس جو ظالماڻا استعمال ان کان وڌيڪ ڪھڙو ٿي سگھي ٿو جو گئس جي گھريلو آلات ھيٽر ۽ گيزر متعلق معيار ۽ تحفظ جو نھ ئي ڪو قانون بڻايو ويو ۽ نھ فارمولو بڻايو ويو، پوري ملڪ ۾ گھٽين ۽ محلن ۾ ماڻھو ھيٽر ٺاھيندا رھيا، گيزر بڻبا رھيا اھي ناقص آلات قدرتي گئس کي استعمال گھٽ ڪن ٿا ۽ ان کي ضايع گھڻو ڪن ٿا. اڄ بھ ھر پاڪستاني کي ڪٿي نھ ڪٿي اھو تجربو ٿيو ھوندو تھ سندس پنھنجي گھر ۾، آفيس ۾، گھٽي ۾ گئس جي ڪڏھن ڪڏھن بوءِ محسوس ٿئي ٿي اھو ناقص آلات سبب ٿئي ٿو ۽ گئس ضايع ٿي وڃي ٿي. ماضي ۾ سي اين جي اسٽيشن قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ھڪ مختصر عرصي ۾ پوري ملڪ ۾ کُمڀين وانگر سي اين جي اسٽيشنز جنم ورتو، قدرتي گئس ذريعي سي اين جي اسٽيشنن جو قيام ھڪ غلط فيصلو ھو ۽ گئس جي قدرتي ذخيرن جي ذيان جي برابر ھو. ٿيڻ تھ ائين کپي ھا جو ملڪ جي قدرتي وسيلن کي محفوظ رکيو وڃي ھا ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي کي ايل پي جي جھڙي ڪنھن متبادل فيول تي ھلائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ھا، جيڪا نھ رڳو قدرتي گئس وانگر ماحول دوست ھوندي آھي، پر ملڪي معيشت جي لاءِ بوج بھ نھ بڻجي ھا. فرٽيلائزر جي شعبي کي گھٽ قيمت تي گئس فراھم ڪرڻ جو فيصلو بھ غلط ھو، اھڙي طرح گئس چوري جي عمل کي روڪڻ جي لاءِ بھ ڪي مناسب قدم نھ کنيا ويا، ڪجھھ علائقن ۾ تھ ماڻھن گئس پائپ لائن سان پنھنجا پائپ وڇائي گئس حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ ھيٺين درجي جي اھلڪارن جي مدد سان سينڪڙون گھرن کي گئس جي فراھمي جو عمل پاڻ شروع ڪري ڇڏيو. اھو طرز عمل پنھنجي پيرن تي ڪھاڙي ھڻڻ جي برابر ھو.
ڪومت قدرت جي اِن انمول عطيي جي تحفظ ۽ ان جي قدر لاءِ ھڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي. قدرتي گئس جي ظالماڻا استعمال کي روڪڻ لاءِ گھريلو صارفين جي لاءِ گئس جي قيمتن ۾ .1 کان 51 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، تجارتي ۽ صنعتي صارفين جي لاءِ 51 کان .2 سيڪڙو جڏھن تھ طاقتور فرٽيلائزر سيڪٽر جي لاءِ گئس جي قيمتن ۾ ..1 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ان سان نھ صرف گئس جو بي رحماڻا استعمال گھٽبو پر گئس جي قيمت بھ توانائي جي ٻين وسيلن جي برابر ڪرڻ جي حوصلا افزائي ٿيندي. گئس جي ناقص آلات جي روڪٿام جي لاءِ بھ ھڪ جامع پروگرام ويچار ھيٺ آھي ان پروگرام جي تحت صرف معياري گيزر، ھيٽر، چُلھا ۽ ٻيا آلات استعمال ٿي سگھندا. گئس جي پراڻي پائپ لائن تبديل ڪرڻ جي لاءِ بھ سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. توانائي جي سمورن وسيلن جي قيمتن ۾ برابري واري پاليسي تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ سمورو بوج قدرتي گئس تي نھ پوي ھا. پيٽرول، ڊيزل، فرنس آئل ۽ گاسليٽ جھڙي تيل جي نسبت گئس جون قيمتون .3 کان .4 سيڪڙو تائين گھٽ ھيون، اھو ئي سبب آھي جو ھر پرائيويٽ ڪار سي اين جي تي ھلڻ لڳي ھئي ۽ پنجاب ۾ خاص ڪري سي اين جي اسٽيشنز جي بھار اچي وئي ھئي، پاور سيڪٽر بھ پنھنجي منعافي کي گھڻي کان گھڻو ڪرڻ جي لاءِ بجلي جي پيداوار جي لاءِ قدرتي گئس جي استعمال کي ضروري قرار ڏيندو ھو، فرٽيلائيزر سيڪٽر ان گھٽ قيمتي اينڌن کي بي دردي سان استعمال ڪري رھيو ھو، اسٽيل ملز، ڪارخانا ھر ھنڌ قدرتي گئس استعمال ٿي رھي ھئي ۽ ان کي بي دردي سان ضايع ڪيو پئي ويو، جنھن سبب گئس جا موجودھھ ذخيرا تيزي سان ختم ٿيڻ لڳا. ھاڻي حڪمت عملي ۾ تبديلي ڪئي وئي آھي، توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ ايل اين جي درآمد واري منصوبي سان پيداوار آئيندھھ سال شروع ٿي ويندي، ايل پي جي جي واڌاري لاءِ بھ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪ ايران ۽ ترڪمانستان گئس پائپ لائن معاھدا تيزي سان عملي شڪل اختيار ڪندا پيا وڃن، تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا بھ ڳوليا پيا وڃن، ٿرڪول جي ذخيرن مان بجلي جي پيداوار جي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. دنيا ۾ اھو ئي ملڪ ترقي ڪري ٿو جيڪو توانائي جي وافر ذخيرن جو حامل ھوندو آھي. ٿرڪول جي ذخيرن مان بجلي جي پيداوار جو منصوبو ڪامياب ٿي ويو تھ پاڪستان جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ پاڪستاني معيشت موجودھھ دٻاءِ مان ٻاھر نڪري ايندي. گئس جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو جيڪڏھن گھڻو اڳ ڪيو وڃي ھا تھ اڄ اسان کي گئس جي شعبي ۾ گھرج ۽ پھچ واري عدم توازن جو منھن نھ ڪرڻو پوي ھا…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button