ٺٽو

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٺٽي ضلعي اندر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي: نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي

Kotri Barrageٺٽو(سجاد علي ميمڻ) نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٺٽي ضلعي جي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ مرمتي واري ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ انديشو ظاهر ڪيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٺٽي ضلعي اندر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ظفر اقبال پي ڊي ايم اي جي ڊي جي پيربخش جمالي سان گڏجي ٺٽي جي انتهائي حساس قرار ڏنل ۽ گذريل ٻوڏ ۾ تباهي جو سبب بڻيل پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ هلندڙ مرمتي ڪم جو دورو ڪري جائزو ورتو ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي انتظاميا پاران بندن تي هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني ويئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ظفراقبال چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻوڏ واريون حالتون گهٽ نظر اچي رهيون آهن البته ٻوڏن جو دارو مدار برساتن جي لڳاتار پوڻ تي آهي هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٺٽي ضلعي اندر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ حفاظتي بچاءٌ بندن تي هلندڙ مرمتي ڪم کي 15 جولائي تائين هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ جي سنڌ حڪومت پاران هدايت ڪئي ويئي آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي بچاءُ بندن تي ڪمي پيشي آهي جنهن کي فوري طور مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ امڪاني بوڏ جي خطري پيش نظر ضلعي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن پاران سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ خاص طور تي نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي توڙي پي ڊي ايم اي پاران حفاظتي قدمن لاءِ تياريون مڪمل آهن. هن چيو ته پاڪستان سميت سجي دنيا ۾ زلزلي يا سونامي جي امڪاني خطرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو به جديد معلوماتي سسٽم موجود نه آهي جنهن ڪري اهڙي صورتحال بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، ان کان اڳ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ظفر اقبال کي آفيس مڪلي تي روينيو کاتي ٺٽو جي اي ڊي او ڊاڪٽر حفيظ سيال ضلعي اندر گذريل ٻوڏ جي تباهڪارين جي صورتحال ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن توڙي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ٺٽي جي بندن جي دوري بعد اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ڪراچي روانو ٿيو ويو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button