ڪراچي

ڪراچي ۾ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر سميت 7 ڄڻا فائرنگ جي واقعن ۾ قتل، وڳوڙ، بس کي باهه

aamirڪراچي : ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ پي آءِ اي جي پيپلز يونٽي پاڪستان جي صدر ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر عامر شاهه ۽ سندس دوست خالد جاگيراڻي سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪري ڪاروبار بند ڪرايو ويو. ميٽرو پول وٽ هڪ مني بس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ان سلسلي ۾ نيپئر ٿاڻي جي حد اولڊ سٽي ايريا جي علائقي پراڻي حاجي ڪئمپ ڀرسان ٽمبر مارڪيٽ لڳ ٻن نوجوانن جي ٻوري ۾ ٻڌل لاش مليا، اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهچايا. رابطي ڪرڻ تي پوليس عبرت کي ٻڌايو ته مقتولن جي لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جن ۾ ٻئي مقتول صدر جي علائقي ۾ هڪ اسڪول ۾ نائين ڪلاس جا شاگرد آهن، جيڪي ٻئي پاڻ ۾ دوست آهن. پوليس موجب مقتولن جي نالن جي سڃاڻپ تبريز بلوچ ۽ فيروز بلوچ جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي سائيٽ ٽائون جي علائقي ميٽرو ول جا رهواسي آهن. پوليس موجب ٻنهي مقتولن کي 2 ڏينهن اڳ اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪرڻ بعد سندن مٿان سخت تشدد ڪرڻ کانپوءِ کيس گوليون هڻي قتل ڪري سندن لاش ٻوري ۾ ٻڌي ٽمبر مارڪيٽ ڀرسان اڇلائي فرار ٿي ويا. هوڏانهن پاڪ ڪالوني جي علائقي لسٻيلا جي ڀرسان مارواڙي محلي مان هڪ نامعلوم شخص جو ٻوري ۾ ٻڌل لاش مليو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو. پوليس موجب مقتول جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل آهي. جنهن سبب سڃاڻپ جي قابل نه رهيو آهي. هوڏانهن سهراب ڳوٺ جي علائقي مان عمران نالي شخص جو پڻ تشدد ٿيل لاش مليو، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو آهي. سائيٽ ايريا جي گارمينٽ فيڪٽري مان پراسرار نموني اسماعيل ولد حيدر جو لاش مليو، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو. پوليس ذريعن موجب مقتول فيڪٽري ۾ آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو. ماڙي پور جي علائقي ڦاٽڪ ڀرسان دعا هوٽل وٽ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري 25 سالن جي عابد کي زخمي ڪري ڇڏيو. اورنگي ٽائون ساڍا يارنهن جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 25 سالن جو عرفان قتل ٿي ويو. جڏهن ته ساڳي علائقي ۾ فائرنگ دوران عون محمد ولد جمال محمد پڻ زخمي ٿي پيو. ڪالهه شام جو شاهراهه فيصل ٿاڻي جي حد گلستان جوهر جي علائقي منور چورنگي ڀرسان پي آءِ اي جي پيپلز يونٽي جي چيئرمين عامر شاهه جي ڪار مٿان اڻ ڄاتل هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ عامر شاهه ۽ سندس دوست خالد جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ فوري طور تي ڀرواري اسپتال دارالصحت پهچايو ويو، جتي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد آغا خان اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمن جا تاب نه سهندي پيپلزپارٽي اڳواڻ عامر شاهه فوت ٿي ويو. بعد ۾ زخمن جا سور نه سهي خالد جاگيراڻي پڻ فوت ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ۽ سندن وارث وڏي تعداد ۾ اسپتال پهچي ويا. هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي روئيندا رهيا. پوليس ذريعن موجب گلستان جوهر ۾ فائرنگ دوران پيپلزيونٽي جي چيئرمين عامر شاهه ۽ سندس دوست گولين جو شڪار بڻيل پهنجن ٻارڙن لاءِ گلشن اقبال مان ڦٽاڪا وٺي اچي رهيا هئا ته منور چورنگي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. جڏهن ته مقتول عامر شاهه پي آءِ اي جي يونين پيپلزيونٽي جو صدر به رهي چڪو آهي. 2008ع ۾ پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن پڻ وڙهيو هو. فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل ٻئي گلستان جوهر جي علائقي جا رهواسي هئا. واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي علائقي کي گهيراءُ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ ۽ تلاشي شروع ڪري ڏني. هوڏانهن پ پ ڪراچي جا اڳواڻ نجمي عالم، سعيد ۽ سوين ڪارڪن اڳواڻن جي قتل جو ٻڌي آغا خان اسپتال پهچي ويا هئا. مقتول خالد جاگيراڻي قمبر جي ڳوٺ نورنگ واهه جو رهواسي هو، اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. مقتول جو لاش اڄ ڳوٺ پهچندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه پيپلز يونيٽي پي آءِ اي ‎ (سي بي اي ) جي صدر ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر عامر شاهه ۽ پارٽي جي ڪارڪن خالد جکراڻي جي قتل جي پرزور مذمت ڪندي شهيدن جي خاندان سان پنهنجي دلي همدردي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيوآهي.وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي فوري جاچ ڪري ڏوهارين کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار راشد رباني ۽ خصوصي معاون وقار مهدي عامر شاهه ۽ خالد جکراڻي جي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. قتل ٿيل عامر شاهه پيپلزپارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر هو، هو گلشن اقبال واري علائقي مان گذريل چونڊن دوران صوبائي سيٽ تي اليڪشن وڙهيو. عامر شاهه پيپلزيوٿ ونگ ڪراچي جو صدر پڻ رهيو. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي سرگرم اڳواڻ لطيف مغل عامر شاهه جي قتل تي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عامر شاهه جو قتل ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪڙي آهي. سنڌ جي گهرو معاملن واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ پيپلز يونٽي آف پاڪستان جي صدر عامر شاهه ۽ سندس دوست خالد جاگيراڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. هن سي سي پي او ڪراچي کي وڌيڪ هدايت ڏيندي چيو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص ٽيم جوڙي وڃي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. منظور وساڻ مقامي خانگي استپال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جوابدار ڀلي ڪيتر ا به بااثر ۽ طاقتور ڇو نه هجن انهن خلاف ڪارروائي هر صورت ۾ عمل ۾ آندي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته عامر شاهه هڪ باهمت، بهادر ۽ مخلص ڪارڪن هو، ان جو رت رائيگان نه ٿيڻ ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ رينجرز متاثر علائقن ۾ ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وڃي. هوڏانهن پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر سيد فيصل رضا عابدي گلستان جوهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيپلزيونٽي جي صدر عامر شاهه ۽ سندس دوست جي قتل تي سخت لفظن ۾ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عامر شاهه جو قتل پارٽي لاءِ وڏو نقصان آهي، ڪارڪن صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عامر شاهه جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پيپلز يوٿ ونگ پاران عامر شاهه جي قتل واري واقعي کانپوءِ 7 ڏينهن جي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button