ڪراچي ۾ هڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪري ڪراچي ڇڏڻ جي مجبور بڻايو پيو وڃي: بشير خان قريشي
ٺـٽو(سجاد علي ميمڻ) ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٺٽي جي نوجوان ۽ جسقم جي ڪارڪن سهيل پارهيڙي جو لاش ٺٽي آندو ويو جتي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان جو لاش مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، تدفين وارين رسمن ۾ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي ، بعد ۾ ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بشير خان قريشي چيو ته ڪراچي ۾ هڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪري ڪراچي ڇڏڻ جي مجبور بڻايو پيو وڃي پر ان جي باوجود سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي اقتدار حاصل ڪندڙ پ پ حڪومت ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته لياري ۾ سنڌي ماڻهن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي پر حڪمران ڪو به نوٽيس توڙي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن هن چيو ته ڪراچي جو امن تباهه ڪندڙن ۾ پ پ ۽ پيپلز امن ڪميٽي ، ايم ڪيو ايم، ايم اين پي برابر جون شريڪ آهن جيڪي نٿا چاهين ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿئي ۽ ماڻهو سک جو ساهه کڻي هلي سگهن هن چيو ته ڪراچي ۾ کلي عام بيگناهه انساني جانين کي موت جو کاج بڻايو پيو وڃي ۽ انهن وارداتن ۾ ملوث قاتلن جي پوئواري پيپلز امن ڪميٽي وارا ڪري رهيا آهن ، هن چيو ته سنڌين خلاف شروع ڪيل ٽارگيٽ ڪلنگ جو اصل مقصد سنڌين کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڪراچي کي سنڌي ماڻهن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ نوگور ايريا بنائڻ نه ڏنو ويندو ڪراچي سنڌين جي سرزمين آهي جتي سنڌين خلاف زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم اقتدار لاءِ وڙهي رهي آهي استعيفائون ڊونگ ۽ ڊرامو آهي هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا سنڌ لاءِ نه پر پنهنجي مفادن خاطر حڪومت کان ڌار ٿيا آهن، ان موقعي تي ساڻس گڏ ، نعيم مينڌرو، حبيب ڀٽوسرور خشڪ ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.