سکر

ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ بنا فرق جي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي: صوبائي وزير

سکر(بيورورپورٽ) سنڌ جي ماحوليات واري صوبائي وزير محمد شهريار خان مهر چيو آهي ته ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ بنا فرق جي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي اسان جي حڪومت ماحوليات کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف اپاءَ وٺي رهي آهي. هن اهڙو اظهار ميڊيا سان سرڪٽ هائوس سکر ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هر شيءِ ماحول سان جڙيل آهي. جن علائقن ۾ ماڻهن کي ماحوليات جي باري ۾ ڄاڻ نه آهي انهن کي پنهنجي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ۽ معلومات فراهم ڪئي ويندي. سکر ريجن جي ٻهراڙي سان وابسته ماحوليات جي متعلق مسئلن کي حل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي مادي کان ماحول جي آلودگي کان بچائڻ لاءِ بهتر کان بهتر اپاءَ ورتا ويندا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button