ڪراچي ۾ رتوڇاڻ
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
روشنين جي شھر ڪراچي کي يقينن ڪنھن جي نظر لڳي وئي آھي، ھن شھر کي غريبن جي ماءُ سڏيو وڃي ٿو، جتي پوري پاڪستان مان ايندڙ ماڻھو پنھنجو ۽ پنھنجي ٻارن جو پيٽ پالي رھيا آھن. سڀ کان وڌيڪ پختون آبادي ڪراچي ۾ رھيل آھي، ٽرانسپورٽ جو گھڻو ڪاروبار پٺاڻن جي ھٿ ۾ آھي، چانھھ ۽ کائڻ پيئڻ جا گھڻا کوکا بھ پٺاڻن جا آھن، مزدوري، پھريداري، چوڪيداري ۽ صنعت جي تعميراتي ۾ بھ پٺاڻ جو ھڪ تمام وڏو حصو ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن شھر ۾ ھڪ وڏي بلوچ آبادي بھ رھيل آھي، فطري طور تي دلير بلوچ قوم جا ماڻھو ان ساحلي شھر ۾ وڏي تعداد ۾ سامونڊي واپار ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل ڪاروبار ڪندا رھن ٿا. ھن شھر ۾ سنڌين جو ھڪ وڏو تعداد بھ رھي ٿو، پنجابي بھ پنجاب جي مختلف شھرن مان اچي ڪراچي جي معاشرت ۾ رٽجي وسي چڪا آھن. ھن شھر جي اڪثريتي آبادي اردو اسپيڪنگ ماڻھن تي ٻڌل آھي، اھي بھ اوترائي محب وطن آھن جيترا پٺاڻ، پنجابي، بلوچ ۽ سنڌي آھن. مختلف زباني اڪائين جو اھو گلدستو شھر ملڪي معيشت جي ساھھ واري رڳ بھ آھي، قومي ناڻي کي .6 سيڪڙو ٽيڪس ھن ئي شھر مان حاصل ٿئي ٿو، ھي شھر ڪڏھن ڪنھن کي بُکيو سمھڻ نھ ڏيندو ھو. پوري ملڪ مان جنھن کي بھ روزگار جي ضرورت پوندي ھئي اھو ڪراچي جو منھن ڪندو ھو ۽ ھي شھر ان کي روزگار فراھم ڪري ڇڏيندو ھو. اڳوڻي صدر جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ ھن شھر ۾ صرف پاڪستان پيپلزپارٽي کي گُھٽڻ لاءِ جيڪڏھن ٻھراڙي علائقن ۾ جيئي سنڌ جي علمبردار جي ايم سيد کي گلدستا موڪليا ويا ۽ کيس حڪومتي مدد فراھم ڪئي وئي، ٻئي پاسي ڪراچي جھڙي شھر ۾ لسانيت جا ٻج پوکيا ويا، ڪراچي ڪڏھن جماعت اسلامي جو ڳڙھھ سمجھو ويندو ھو پر جڏھن ان شھر ۾ لسانيت جا ٻج پوکيا ويا، قوميتن جي بنياد تي شھر کي ونڊڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ان وقت ايم ڪيو ايم اردو ڳالھائيندڙن جي ھڪ نمائندا پارٽي جي صورت ۾ سامھو آئي. مڊل ڪلاس طبقي تي ٻڌل ھن پارٽي کي ھڪ مخصوص وقت ۾ مدد فراھم ڪئي وئي، پر پوءِ ھن پارٽي ۾ بھ ونڊ ذريعي ان کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڀيٽ ۾ ھڪ مخالف ڌڙ قائم ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم کي پاڪستان جي ٻين حصن ۾ وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ بھ ھڪ پاليسي اختيار ڪئي وئي ھئي جنھن تي عملدرآمد بھ ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪراچي تائين محدود ڪرڻ جي منصوبي تي ڪاميابي سان عمل ڪيو ويو. ھاڻي ھن شھر ۾ ھڪ ھلڪي چنگاري کي بھ باھھ بڻجي وڃڻ ۾ ڪا دير ئي نٿي لڳي ۽ ڪوبھ واقعو وڏي آسانيءَ سان زبان ۽ قوميت جي بنياد تي ٿيندڙ واقعي سان جوڙيو وڃي ٿو، عمل ۽ رد عمل جو جيڪو سلسلو شروع ٿئي ٿو اھو ڪراچي ۾ رھندڙ سمورين قومن جي بيگناھھ ۽ معصوم ماڻھن جي جان جو دشمن بڻجي وڃي ٿو.
ڪراچي ۾ تشدد ۽ شرپسندي جي ھاڻوڪي وڳوڙ بھ ماضي جي انھن پاليسين جو ھڪ تسلسل آھي، جنھن ۾ ونڊيو ۽ حڪومت ڪريو واري ظالماڻا پاليسي اختيار ڪئي وئي. ڪراچي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ پٺاڻ رھن ٿا، جيڪڏھن ڪو پٺاڻ ڪنھن حادثي ۾ ذاتي دشمني ۾ يا ڪنھن ٽريفڪ جي حادثي ۾ ماريو وڃي تھ ان کي ٻي قوميت سان جوڙڻ ۾ ڪابھ دير نٿي لڳي، اھڙي ريت جيڪڏھن ڪو اردو ڳالھائيندڙ ڪنھن ذاتي جھڳڙي ۾ ڪنھن ٽريفڪ حادثي ۾ يا ڪنھن ٻئي سبب ماريو وڃي تھ اھو بھ ٻن قومن وچ ۾ جنگ جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿو. ڪراچي جي محب وطن قوتن ۽ سمورين قومن جي رھنمائن تي ھڪ تمام وڏي ۽ اھم ذميواري پوي ٿي تھ اھي ھن شھر کي پاڪستان دشمن قوتن ۽ شرپسندن کان بچائن، سموريون سياسي پارٽيون پنھنجي صفن ۾ موجود شرپسندن کي ڪڍي ٻاھر ڦٽو ڪن ۽ شھر جي امن جي بحالي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. ايم ڪيو ايم تي خاص ڪري گھڻي ذميواري پوي ٿي ڇوتھ اھا ڪراچي جي اڪثريتي آبادي جي نمائندا پارٽي آٓھي، ٽڪراءَ ۽ محاذ آرائي سان بيگناھن جون جانيون وينديون رھنديون، شھر جو امن برباد ٿيندو رھندو ۽ پاڪستان جا دشمن پنھنجن ھٿان پنھنجن جو رت وھائڻ جي ان عمل کي خوشي ۽ اطمينان سان ڏسندا رھندا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شھر ۾ امن جي بحالي جي لاءِ ھڪ خاص حد تائين ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، گڏيل ڀائيچاري ۽ محبت جي واڌاري لاءِ سياسي پارٽين جي ليڊرشپ کي ئي مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن ڪراچي جي مختلف قومن جي نمائندا ليڊرشپ پنھنجو ڪردار ادا نھ ڪيو تھ ھن شھر ۾ امن جي بحالي ڪڏھن بھ ممڪن نھ ٿيندي. وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ ڪراچي جي ھاڻوڪي واقعن تي شديد ڳڻتي ظاھر ڪندي انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ وقتي ڊي جي رينجرز کان رپورٽ گھري ورتي آھي. گھرو وزير ٻنھي اعليٰ عملدارن کي ھدايتون جاري ڪيون آھن تھ شھر ۾ امن امان جي بحالي ۽ معصوم شھرين جي تحفظ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن جو انگ ٻيڻو ڪيو وڃي، شرپسندن سان سختي سان منھن ڏنو وڃي ۽ سندن خلاف بنا ڪنھن فرق ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي وڃي. گھرو وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اھي ھدايتون بھ ڏنيون آھن تھ شھر جي معمول جي زندگي کي بحال ڪرڻ جي لاءِ سمورا درڪار قدم جنگي بنيادن تي کنيا وڃن. گھرو وزير جي انھن ھدايتن تي تڪڙو عمل شروع ڪيو ويو آھي، شرپسندن جي خلاف گڏيل ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي…