سکر

ڪراچيءَ جي سينئر صحافي جي پر اسرار گمشدگيءَ جي خلاف سکر ۾ ھنگامي اجلاس

PRESS Photo 1سکر(بيورورپورٽ)ڪراچيءَ جي سينئر صحافي ملڪ منور جي پر اسرار گمشدگيءَ جي خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب ۽ سکر انڊس يونين آف جرنلسٽ جو گڏيل هنگامي اجلاس ڪلب جي صدر امداد بوزدار جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ محمد زمان باجوا، پرويز خان، رشيد رضا، جاويد مصطفيٰ، سيد نصير حسين شاهه، طاهر وارثي، فرهاد سومرو، ڪريم بخش شيخ، رضوان صديقي ، فريد سومرو، عمر سومرو، سرفراز ميمڻ، عارف ميمڻ، اظهر علي دايو، خالد محمود، مهتاب انصاري، اسامه طلعت، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي امداد بوزدار، محمد زمان باجوا، پرويز خان چيو ته صحافين کي سچ لکڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان صحافين تي قاتلانه حملا ۽ انهن کي ڊيڄاري ڪري فرضن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مگر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. ۽ انهن جي خلاف ڪو به ايڪشن نه ورتو آهي. هنن چيو ته ملڪ منور جي پر اسرار گمشدگيءَ تي صحافي خاموش نه ويهندا. آخر ۾ صدر آصف علي زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچيءَ جي سينئر صحافي ملڪ منور کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ صحافي روڊن تي نڪري احتجاج شروع ڪندا. ۽ اهو احتجاج ان جي بازيابي تائين جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button