ٺٽو

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عباسي رمضان المبارڪ دوران ضلعي ۾ عام واهپي جي 52 شين جي اگهن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

Ramadan al Mubarak Ramazanٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي رمضان المبارڪ دوران ضلعي ۾ عام واهپي جي 52 شين جي اگهن جي لسٽ جاري ڪندي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن تي زور ڀريو آهي ته هو رمضان جي مهيني جو پورو احترام ڪن ۽ عام واهپي جي شين جو وڪرو ضلعي انتظاميا پاران مقرر ڪيل اگهن تي ڪري پنهنجو اخلاقي ۽ قانوني ذميواريون نڀائين اها ڳالهه هن دربار هال مڪلي ۾ ضلعي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران رمضان شريف دوران عام واهپي جي شين جي مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ ۽ ذخيره اندوزي ۽ منافي خوري ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، ۽ اهڙن واپارين توڙي دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن سب ڊويزنل مئجسٽريٽن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو رمضان دوران عام واهپي جي شين جي وڪري تي ڪڙي نظر رکن ۽ روزانو جي بنياد تي مارڪيٽن ۽ بازارن تي اوچتا ڇاپا هڻي شين جا اگهه چيڪ ڪن ته جيئن عوام خاص طور تي غريب ماڻهن کي سستي ۽ مقرر ڪيل اگهن تي عام واهپي جون شيون فراهم ڪري کين مهنگائي جي عذاب کان بچائي سگهجي. هن واپڊا جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان شريف دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪن ته جيئن رمضان دوران عبادت ڪندڙن کي تڪليف نه ٿئي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ موجود ضلعي جي واپاري ۽ دڪاندار تنظيمن جي عهديدارن ضلعي انتظاميا کي گڏجاڻي دوران ٿيل فيصلن تي مڪمل عمل ڪرڻ جو ڀرپور يقين ڏياريو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button