اسلام آباد

پ پ ۽ متحده وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي، واپسي جا امڪان، پيپلز پارٽي سمورا شرط مڃي ورتا

MQM PPP1اسلام آباد: مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي ٽياڪڙي کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿيڻ بعد متحده جي حڪومت ۾ ٻيهر واپسي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ سنڌ جو مستعفي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد گورنر جو عهدو سنڀاليندو. حڪومتي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته متحده قومي موومينٽ جلد حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، مسلم ليگ ق جي سربراهه ڪالهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪري کيس نائين زيرو تي متحده اڳواڻن سان ڪيل ملاقات ۾ ٿيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي متحده جي اڳواڻن سان پڻ رابطو ڪيو ويو، جنهن ۾ متحده جي اڳواڻن حڪومت ۾ واپس ٿيڻ لاءِ مثبت رويو ۽ ڳالهين ۾ نرمي جو لهجو ڏيکاريو، ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي قيادت متحده قومي موومينٽ جي اعليٰ سطحي قيادت کي سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي معاملن تي خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، ڊاڪٽر عشرت العباد ڪجهه ڏينهن ۾ وطن واپس ايندو ۽ پهرين مرحلي ۾ گورنر جو عهدو سنڀاليندو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ متحده وچ ۾ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، ٻنهي پارٽين ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه معاملن تي جلد اتفاق ٿي ويندو، پيپلز پارٽي متحده جا سمورا شرط مڃي ورتا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف زرداري ۽ الطاف حسين وچ ۾ هڪ ڏينهن اڳ ٿيل ڳالهيون متحده لاءِ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي آهي، جڏهن ته متحده جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ واپسي لاءِ اڃا حتمي ڳالهه ناهي ٿي. ڇو ته متحده تي حڪومت ۾ ٻيهر واپس شامل نه ٿيڻ لاءِ ڪارڪنن جو شديد دٻاءُ آهي. جڏهن ته مستقبل جي حوالي سان به خدشا آهن. پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر اڃا ڪنهن نتيجي تي ناهيون پهتا، متحده جي ترجمان موجب ايم ڪيو ايم اڃا حڪومت ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، اهڙيون ڳالهيون بي بنياد آهن، سمورين پارٽين سان رابطن ۾ آهيون، ٻئي طرف متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته ايوان صدر جي مثبت ڳالهين جي آجيان ڪريون ٿا، مخالف ڌر ۾ ويهي حڪومت سان سهڪار ڪنداسين، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته صدر آصف زرداري کي يقين ڏياريو آهي ته جمهوريت کي هٿي ڏيڻ، ملڪي خوشحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت سان سهڪار جاري رکيو ويندو، الطاف حسين چيو ته مخالفت ۾ رهي ڪري مثبت حڪومتي قدمن جو ساٿ ڏينداسين ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ سهڪار ڪنداسين. هوڏانهن خابرو اداري آن لائن موجب صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،گهرو وزير منظور حسين وساڻ ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کي متحده کي پرچائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button