پي بي بچاءُ جي مرمت جو ڪم اڃان تائين رولڙي جو شڪار، علائقي واسي پريشان
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) پي بي بچاءُ بند تي ڪم بند ڪندڙ ٻن ٺيڪيدارن کي نيٺ آبپاشي کاتي ٺٽو جي انتظاميا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، 3 ڏينهن کان ٺٽي جي حدن اندر سنڌو درياهه جي ساجي پاسي گذريل ٻوڏ دوران تباهي جو سبب بڻيل فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند تي مرمتي ۽ مضبوطي وارو ڪم بدستور بند پيل آهي ۽ ٺيڪيدارن پي بي بند تي ڪم روڪڻ بعد مشنري واپس ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب انتهائي حساس پي بي بچاءُ بند تي مرمتي ارٿ ورڪ ، پيچنگ ۽ بند کي 6 فوٽ مٿي ڪرڻ وارو ڪم 50 سيڪڙو به نه ٿي سگهيو آهي پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ کان 6 ميل تائين جو ٺيڪو نياز پهنور کي مليل هو جنهن جو ڪم 3 ڏينهن کان بند پيل آهي جڏهن ته ٻيو حصو 6 ميل کان 15 ميل تائين ٺٽي جي هڪ ٺيڪيدار انور ميمڻ جي نالي ڏنو ويو هو پي بي بچاءُ بند تي ڪم ڪندڙ ٻنهي ٺيڪيدارن انور ميمڻ ۽ نياز پنهور کي آبپاشي کاتي جي هدايتن تي نوٽيس جاري ڪندي فوري طور ڪم شروع ڪرائڻ جي وارننگ ڏني ويئي آهي ۽ ڪم شروع نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين بليڪ لسٽ ڪيو ويندو