پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ سميت بند کي اوچو ڪري مٿي ڪرڻ وارو ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي اندر انتهائي حساس قرار ڏنل پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ سميت بند کي اوچو ڪري مٿي ڪرڻ وارو ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو، صوبائي وزير سسئي پليجو پاران بند جو دورو ، آبپاشي کاتي جي انتظاميا کي 30 جولاءِ تائين سمورو ڪم مڪمل ڪرائڻ جي هدايت. ٺٽي ضلعي جي حدن اندر سنڌو درياهه جي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿيڻ ڪري اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته فقير جي ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بندکي پيل گهاري واري هنڌ پٿرن جي پيچنگ وارو ڪم به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن سان گڏجي فقير جي ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند تي هلندڙ ڪم جو دورو ڪري معائنو ڪيو ۽ جائزو ورتو جتي گهاري واري هنڌ سست رفتاري سان هلندڙ پٿرن جي پيچنگ واري ڪم تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سسئي پليجو چيو ته هن وقت سنڌ ۾ سانوڻي جي مند جي وسڪارن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ بچاءُ بندن تي ڪم جاري رکڻ جو موقعو ملڻ مشڪل بڻجي ويندو ان ڪري پي بي بچاءُ بند سميت سورجاڻي منارڪي ۽ سونڊا هيلايا بچاءُ بندن جو ڪم هر صورت ۾ جلد کان جلد ٿيڻ گهرجي هن آبپاشي کاتي جي اتظاميا کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته پي بي بچاءُ بند جي پيچنگ توڙي بند کي اوچو ڪرڻ وارو ڪم هر صورت ۾ 30 جولائي تائين مڪمل ڪيو وڃي جنهن کان پوءِ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ، سسئي پليجو چيو ته هن سال وڏي ٻوڏ جو امڪان نظر نٿو اچي پر حفاظتي اپاءُ وٺڻ انتهائي ضروري آهن سسئي پليجو چيو ته هوءَ هاڻي بار بار حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورا ڪندي ۽ ان ڏس ۾ هاڻي ڪا به سستي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل ٻوڏ جي تباهڪارين دوران سجي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٺٽي ضلعي ۾ آئي آهي جنهن ڪري هن خطي جا ماڻهو ٻيهر ڪنهن قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن ان ڪري بندن جي مضبوطي انتهائي ضروري آهي .