ٺٽو

پي بي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم آخري ڊيڊلائين تائين به مڪمل ڪرڻ نه ڪيو ويو

PB Bundٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي حدن اندر سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ تي هلندڙ مرمتي ڪم مڪمل، جڏهن ته پي بي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم آخري ڊيڊلائين 15 جولاءِ تائين به مڪمل ڪرڻ نه ڪيو ويو، ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند کي گهارو پوڻ سبب سجاول ۽ جاتي تعلقن ۾ مها ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو سبب بڻيل ايم ايس بند جي 12 سئو فوٽن تائين پکڙيل گهاري کي آخري ڊيڊلائين واري ڏينهن 15 جولائي تي مڪمل ڪري مضبوط بڻايو ويو هن گهاري کي ٻڌڻ لاءِ 5 مهينن جي لڳاتار ڪوشش بعد ارٿ ورڪ سميت پٿرن سان پيچنگ ڏيئي مضبوط بنائڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو، ٻئي طرف ٺٽو لڳ پي بي بچاءُ بند کي فقير جو ڳوٺ ڀرسان پيل اڍائي سئو فوٽ گهاري واري هنڌ پٿرن جي پيچنگ وارو ڪم اڃان صرف 70 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي سگهيو آهي ان سان گڏوگڏ پي بي بچاءُ بند جي 15 ڪلوميٽرن واري حصي سميت ايم ايس بچاءُ بند ، سونڊا هيلايا بند، سورجاڻي 1 ۽ منارڪي بندن کي 6 فوٽ مٿي ڪري اوچو ۽ مضبوط بنائڻ وارا هلندڙ ڪم به سست رفتاري جو شڪار بڻيل آهن جنهن سبب ڪم مڪمل نه ٿي سگهيا آهن ، آبپاشي کاتي جي انتظامي عملدارن جي دعوا آهي ته سمورا پهرين فيز جا ڪم ٻن ڏينهن اندر مڪمل ڪيا ويندا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button