ڪراچي

پوليس ۽ ڪمشنري نظام بابت خدشا نه ڪرڻ گهرجن، گورنر واپس آيو آهي اميد ته متحده جا وزير به جلد ذميواريون سنڀاليندا: وڏو وزير

Qaim Ali Shahڪراچي: وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه هتي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ مفاهمت جي حوالي سان ٿيل ڪوششن جو جائزو ورتو، ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته وقت گذرڻ سان ٻنهي اهم پارٽين ۾ مفاهمت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، جنهن سان سنڌ جي عوام کي لازمي فائدو پهچندو، گڏجاڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان عليحدگي کان پوءِ حڪومت جي کنيل قدمن بابت ويچاريو ويو، طئي ٿيو ته انهيءَ دوران ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل قيدين جن کي ڪراچي سينٽرل جيل مان سنڌ جي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو تن جي ٻيهر ڪراچي واپسي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جيڪو توقع آهي ته ڏينهن ٻن ۾ اهو عمل مڪمل ٿي ويندو، هوڏانهن حيدرآباد ۾ صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي سان ڀاءُ جي وفات تي تعزيت بعد پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد 3 رڪني وفد سان گڏ اربع ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جو جنرل سيڪريٽري سيد محمود، محمد علي شاهه ۽ سخي بادشاهه پڻ اتي موجود هئا، جڏهن ته وڏي وزير جو صلاحڪار راشد رباني، خاص صلاحڪار وقار مهدي ۽ پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو پڻ ملاقات دوران موجود هئا، ٻنهي اڳواڻن ملڪي معاملن، سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ تازن وڳوڙن دوران ٽرانسپورٽ کي پهتل نقصانن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. هن وڏي وزير کي تازن هنگامن دوران بسن، ويگنن ۽ رڪشائن کي پهتل نقصان بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ معاوضن جو اعلان ڪري، وڏي وزير شاهي سيد جا اهڙا مسئلا غور سان ٻڌندي کيس يقين ڏياريو ته ان سلسلي ۾ تمام جلد فيصلو ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي استعيفا منظور نه ڪئي وئي هئي، الطاف حسين جي هدايتن تي هن پنهنجي ذميواري ٻيهر سنڀالي ورتي آهي، اميد ته الطاف حسين جي چوڻ تي سندس فيصلي مطابق پنهنجون وزارتون ٻيهر سنڀاليندا، ڇاڪاڻ ته انهن جون استعيفائون اڃا منظور نه ڪيون ويون آهن، فنڪشنل ليگ ۽ (ق) وارا مخالف ڌر ۾ رهي به اسان سان سهڪار ڪندا رهيا آهن، وزارتون سندن لاءِ ڪا اهميت نٿيون رکن، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي سياسي حڪمت عملي سبب ڪامياب قدم کنيا ويا آهن، هاڻي حالتون بهتري طرف وڃي رهيون آهن، ڪنهن غلط فهمي جي بنياد تي اتحادين جي جيڪا ناراضگي ٿي هئي، اها ختم ٿي وئي آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي گڏيل ڪوششن سان گورنر واپس اچي ويو آهي، ساڻس گڏجاڻي ٿي آهي، ۽ گڏجاڻين جو اهو سلسلو جاري رکي گڏجي مسئلا حل ڪنداسين ۽ ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته غلط فهميون ملاقاتون نه ٿيڻ ڪري ٿينديون آهن، ملاقاتون ٿيڻ سان مسئلا پاڻ ئي حل ٿي وڃن ٿا، هن چيو ته هاڻي ڪراچي ۽ اندرون سنڌ جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، ترقياتي ڪمن لاءِ وڌيڪ رقم رکي پئي وڃي، هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرائينداسين، هن چيو ته (ق) ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جا وزير کنيا ويا آهن، اهي پارٽيون اڳ ۾ به مخالف ڌر ۾ رهي اسان سان تعاون ڪنديون رهيون آهن، وزارتون انهن لاءِ ڪا اهميت نه ٿيون رکن، باقي ايم ڪيو ايم وارا وزارتن ۾ واپس ڪڏهن ٿا اچن ان بابت هو فيصلو پاڻ ئي ڪندا، بهرحال اميد ته هو تعاون ڪندا، هن چيو ته ڪمشنري نظام مڪاني ادارن واري پراڻي نظام وارا قانون اسيمبلي اتفاق راءِ سان پاس ڪيا آهن، ان بابت ڪي تضادي خدشا نه آهن،پوليس نظام ۾ به انتظامي جون تبديليون ٿي رهيون آهن، روينيو سڌارا آندا پيا وڃن، اڳ ۾ روينيو نظام جي انتظامي صورتحال خراب آهي، ان خراب صورتحال کي روڪڻ لاءِ هي نظام ضروري آهي هن چيو ته اسيمبلي مان قانون پاس ٿي چڪو آهي، اڳواڻن قانون ۾ ٽي چار ترميمون اهڙيون هيون جن تي سڀني جو اتفاق راءِ موجود هو، اسان جمهوري عمل قانون کي ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ان تي عمل ڪيو آهي، ۽ ڪندا رهنداسين، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ واپسي اچڻ سان سياسي عمل ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي اتحادين طرفان امن جي بحالي لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي، ۽ قتل جي واقعن تي مالي نقصان تي افسوس ۽ معذرت ڪئي وئي آهي، تدارڪ ۽ اتفاق انتهائي حد تائين ڪنداسين، باقي سنڌ حڪومت وٽ ايترو پئسو نه آهي ته هر وقت ٿيل نقصان جو فوري معاوضو ڏئي سگهي،، هن چيو ته ڪراچي واقعن ۾ ملوث جيڪي ماڻهو پڪڙيا ويا آهن انهن مان جن تي ثابتي ٿي آهي انهن خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي تحقيقات لاءِ جوڙيل ٽربيونل جي ابتدائي تحقيقاتي رپورٽ گهرو سيڪريٽري کي ڏئي ڇڏي آهي، ان جو مسودو مون وٽ به پهتو آهي، ان جو جائزو وٺي پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪنداسين، هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ترميمون آڻينداسين، امن امان جي صورتحال جيئن ئي بهتر ٿيندي ته اهي چونڊون ڪرائينداسين،هن چيو ته ٿر ڪول جي لاءِ 6 بلاڪ ٺاهيا هئاسين، ان جو 5 نمبر بلاڪ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ کي ڏنو هو، جنهن چيو ته هو 6 مهينن کان هن اندر 50 هزار ميگا واٽ بجلي ڏينداسين، ان لاءِ گهربل رقم سنڌ حڪومت ادا ڪندي، باقي وفاقي حڪومت اڄ رٿيل گڏجاڻي ۾ ان بابت ٻڌائيندي ۽ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ به گڏجاڻي ۾ ٻڌائيندو ته ڪهڙن سببن جي ڪري اها 50 هزار ميگا واٽ بجلي نه ملڻ جا ڪهڙا سبب آهن، هن چيو ته ڪوئلي بابت پرڏيهي ڪمپنين به فزيبلٽي رپورٽ ڏني آهي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته پنهنجي مقرر مدي اندر ٿرڪول جو مسئلو حل ڪري وٺون، هن چيو ته سال اڳ هالاناڪي وٽ ٽريلر جو سيلينڊر ڦاٽڻ سبب جن ماڻهن جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو انهن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ سمري مون وٽ اچي چڪي آهي جلد فيصلو ڪنداسين هن چيو ته سنڌ اسان جي دل آهي ڪراچي سنڌ جي دارالحڪومت آهي، ڪراچي سنڌ جي جان آهي، ڪراچي آهي ته سنڌ آهي، هن چيو ته ماڻهو هڪ عرصي کان مطالبو ڪري رهيا هئا ته حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ڪريو، جيڪو مطالبو اسان پورو ڪيو آهي، جيڪي فرد ان فيصلي بابت احتجاج ڪري رهيا آهن اهو سندن ذاتي مسئلو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو سنڌ جا سپوت آهن، هن چيو ته ڪمشنري نظام، مڪاني اداران، بابت قانوني نقطن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون،ان موقعي تي صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي، سيد علي نواز شاهه رضوي، ايم پي اي فرحين مغل، اقبال سومرو، حاجي نصيرالله خان پٺاڻ، جيئندو سومرو، سيد فياض شاهه، ڊاڪٽر تحسين شيخ، سيد سليم شاهه بخاري، روشن سولنگي، ڊاڪٽر بخش علي پتافي، آفتاب خانزادو، شبانه خان، ماما رند، اڪرم شاهه، ڪامران قادري، راجا قادري، سڪندر حيات، اختر ڀرڳڙي، جبار خان، رياض شيخ، حضور بخش رند، لالا رضوان مغل، امتياز راڄپر، ابرار قريشي، عزيز ميمڻ، الطاف گهمڻ، غلام رسول ڪلهوڙو ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود آهن، ان کان اڳ وڏي وزير صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي عذار خواهي ڪئي ۽ بعد ۾ اسپيشل ايجوڪيشن جي صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه رضوي جي رهائشگاهه تي پهچي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ساڻس پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button