ٺٽو
پاڪستان هلال اهمر سنڌ پاران ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي رهواسين جي امدادي ساهائتا ڪرڻ لاءِ دورو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) پاڪستان هلال اهمر سنڌ جي سيڪريٽري ڪنور وسيم ، مسٽر نگال ايجي، ياپ ٽائمر، مس پولا بيزان ۽ مظهرالاسلام تي مشتمل هڪ وفد پاڪستان هلال اهمر جي تعاون سان ضلعي ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي رهواسين جي امدادي ساهائتا ڪرڻ لاءِ هلندڙ لائيولي هوڊ پراجيڪٽ ۽ کين پائلٽ پراجيڪٽ ذريعي شيلٽر تعمير ڪري ڏيڻ واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڳوٺ سونا خان جماري ۽ ڳوٺ سليما خاصخيلي جو دورو ڪيو ، بعد ۾ ڊسٽرڪٽ برانچ آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي ويئي ، گڏجاڻي ۾ پاڪستان هلال اهمرضلعي ٺٽي جي هانرري سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ ، ڊاڪٽر ممتاز عقيلي پاران وفد کي هلندڙ پراجيڪٽن بابت بريفنگ ڏني ويئي. ان موقعي تي پاڪستان هلال اهمر ضلعي جا ميمبر عبدالواحد بروهي ، نور محمد بلوچ، سيد فداحسين شاهه، زين العارفين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.