ڪراچي

پاڪستان جي معاشي مرڪز ڪراچي ۾ امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

pm BRAND AWARDڪراچي : وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مرڪز ڪراچي ۾ امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت اعليٰ عدالت جي هر فيصلي تي عملدرآمد ڪندي، موجوده حڪومت آئين کي پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ ٽيڪسٽائيل سٽي ۾ پلاٽن جي وڪري جي افتتاحي تقريب کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو وفاقي وزير مخدوم شهاب الدين موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن جو قيام ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ آهي. هن سياسي قيادت ۽ اتحادين کي اپيل ڪئي ته اهي حڪومت سان گڏجي ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ امن ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين سان گذريل ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ آئون ان جو ٿورائتو آهيان جو هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي امن ريلي جي حمايت ڪئي ۽ ڪارڪنن کي ان ريلي ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي. ڪراچي ۾ امن امان جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي شهر ۽ سنڌ ۾ امن جي قيام جي بنيادي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي. گورنر ۽ وڏو وزير ان ڏس ۾ قدم کڻي رهيا آهن. وفاقي حڪومت امن امان جي قيام لاءِ تحقيقاتي ادارن طرفان معلومات فراهم ڪندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت شهر ۾ امن جي قيام لاءِ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ صوبائي حڪومت پاران کنيل قدمن ۾ هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي. ستين اين ايف سي ايوارڊ تي سنڌ صوبي جي خدشن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ تي ان جي روح مطابق عمل ڪرائيندي. هن چيو ته اهڙو ڪو به امڪان نه آهي جو صدر آصف علي زرداري ۽ مرڪز ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت جي موجودگي ۾ ان ايوارڊ تي عملدرآمد نه ڪرائي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ غلط فهميون موجود آهن، جن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته قوم هن وقت ارتقائي عمل مان گذري رهي آهي. ملڪ ۾ سرگرم ميڊيا، پارليامينٽ، متحرڪ عدليه ۽ فعال سول سوسائٽي موجود آهي. وقت سان گڏوگڏ سڀئي شيون بهتر ٿي وينديون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي آئين ڏنو ۽ موجوده حڪومت ان آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرايو.
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button