ٺٽو
ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين پاران ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ٺٽي ۾ سجاول جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتون نه ملڻ ۽ ڳوٺ پڪا نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي ريلي، انسٽيٽيوٽ فار سوشل موومينٽ پاران ارشاد لغاري ، محمد حسن خاصخيلي، رحمت الله پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي سجاول جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين پاران ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل سال آيل مها ٻوڏ سبب سندن سڀ ڪجهه ٻڏي ۽ لڙهي ويو آهي هنن چيو ته سندن ڳوٺن کي رجسٽرڊ ڪرائي پڪو ڪيو وڃي ۽ بنيادي سهولتون ، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم ، روڊ ۽ رستا ڏنا وڃن.