ٻوڏ متاثرين 11 مهينا گذرڻ باوجود اڪثر متاثر ماڻهو وطن ڪارڊ جي سهوليت کان محروم
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ متاثرين کي 11 مهينا گذرڻ باوجود اڪثر متاثر ماڻهو وطن ڪارڊ جي سهوليت کان محروم بڻيل، ٻوڏ متاثرين بدحالي واري زندگي گذارڻ لڳا مخصوص ماڻهن کي روينيو کاتي پاران وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ سفارش ڪرڻ جو سلسلو جاري، گذريل ٻوڏ جي تباهڪارين کي 11 مهينا گذرڻ باوجود ٺٽي ضلعي جي مختلف تعلقن ٺٽو سجاول جاتي ميرپوربٺورو ۽ ٻين تعلقن جي ڪيترن ئي ٻوڏ متاثر خاندانن کي وطن ڪارڊ ذريعي امدادي سهوليت ميسر نه ٿي سگهي آهي، متاثر ماڻهو نادرا ۽ روينيو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر کين مختلف بهانا بنائي وطن ڪارڊ جاري نه پيو ڪيو وڃي جڏهن ته سوين ماڻهن جا نالا وطن ڪارڊ لسٽ ۾ شامل هجڻ ۽ کين وطن ڪارڊ جاري ٿيڻ باوجود گذريل ڪيترن مهينن کان بئنڪن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر کين وطن ڪارڊ اڪائونٽ ۾ رقم جي عدم فراهمي جو جواز جاڻائي واپس ڪيو پيو وڃي جنهن سبب ٻوڏ متاثر غريب ماڻهو انتهائي پريشاني ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن پر ٻوڏ متاثرين دانهيندي ٻڌايو ته اثر رسوخ جي بنيادن تي مخصوص ماڻهن کي وطن ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو هنن چيو ته اهي ٻوڏ جي تباهڪارين سبب سخت متاثر ٿي اڃان تائين ڪچن گهرن ۽جهوپڙين ۾ معاشي بدحالي ۽ پريشاني واري زندگي گهاري رهيا آهن پر نور نظر ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي هنن گهر ڪئي آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪرائ نادرا ۽ بئنڪ انتظاميا کي کين وطن ڪارڊ ۽ وطن ڪارڊ جي اڪائونٽ جي مد ۾ رقم جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو آهي .