ٺٽو

ٺٽي ۾ 130 کان مٿي اين جي اوز ڪم پيون ڪن پر پوءِ به نوجون بيروزگار

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين کان پوءِ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا خاطر 130 کان مٿي ملڪي ۽ غير ملڪي اين جي اوز پاران مقامي نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪري غير مقامي ماڻهن کي مقرر ڪرڻ تي سجاڻ ڌرين پاران ڳڻتي جو اظهار چونڊيل نمائندن کي تحرڪ وٺڻ جي اپيل، ٺٽي ضلعي اندر 9 مهينا اڳ آيل مها ٻوڏ جي تبهاڪارين کان پوءِ متاثرين جي بحالي ۽ سندن امداد جي نالي تي ڪم ڪندڙ 130 کان مٿي عالمي ملڪي توڙي صوبائي سطح تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز مرلين، يو اين هيبيٽيڊ، اي سي ايف ، هينڊي ڪيپ ، آغا خان سميت اڪثر اين جي اوز ٺٽي ضلعي اندر پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪندي ٻين صوبن ۽ ٻاهرين ضلعن مان عملو مقرر ڪري سوين مقامي نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ تعليم يافته مقامي نياڻين کي فيلڊ ۾ گاڏيون ڏيڻ بدران پنهنجي خرچ تي وزٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جنهن تي ٺٽي ضلعي جي سماجي ۽ سجاڻ ڌرين سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته مقامي تعليم يافته نوجوانن کي نظرانداز ڪري غير مقامي ماڻهن جي مقرري ۽ مقامي نياڻين سان اختيار ڪيل معاملي جي جاچ ڪرائي پرڏيهي ۽ ڏيهي سماجي تنظيمن خلاف جاچ ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي عالمي ادارن کان ڪروڙين رپين جا فند حاصل ڪري جديد طرز جون آفيسون قائم ڪري هڪ طرف مقامي تعليم يافته نوجوانن سان ناانصافين جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي ته ٻئي طرف اين جي اوز ۾ فيلڊ اسٽاف طور ڪم ڪندڙ مقامي تعليم يافته نياڻين سان ٻٽو معيار وارورويو اختيار ڪيو آهي جنهن بابت گذريل ڏينهن نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڪجهه تعليم يافته ڇوڪرين صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه عالمي ادارن جي ضلعي انچارجن کانئن فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ مليل گاڏيون کسي ڇڏيون آهن ۽ کين چيو ويو آهي ته اهي پنهنجي خرچ تي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي ڳوٺن ۾ فيلڊ ۾ ڪم ڪن ٻي صورت ۾ کين ملازمت تان ڪڍيو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button