ٺٽي جي نوجوانن سان نا انصافي خلاف بيروزگار نوجوانن ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ٺٽي ضلعي جي سرڪاري توڙي سماجي ادارن ۾ غير مقامي ۽ ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن جي مقرري ۽ مقامي نوجوانن سان نا انصافي خلاف بيروزگار نوجوانن ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ۽ نا انصافي بند ڪريو جا نعرا هنيا، نوجوانن جي بيروزگار ايڪشن ڪميٽي پاران ممتاز شيخ، شاهد عباسي، عنايت شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شيخ فريد چوڪ مڇي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جيڪا شاهي بازار جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو پهتي ريلي ۾ شامل نوجوان ”روزگار ڏيو نا انصافي بند ڪريو ”جا نعرا هڻي رهيا هئا ريلي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پهچي احتجاجي وڏي مظاهري ۾ تبديل ٿي ويئي جتي مظاهري کي خطاب ڪندي نوجوان اڳواڻن ممتاز شيخ، عرس سمون، سرور ڪاتيار، عنايت شاهه ، شاهد عباسي ۽ ٻين چيو ته ٺٽي ضلعي اندر تعليم، صحت، ورڪ سروسز سميت مختلف سرڪاري کاتن ۽ اين جي اوز ۾ غير مقامي ۽ ٻاهرين ضلعن جا ماڻهو ڀرتي ڪري سندن حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي پر چونڊيل نمائنده خاموشي تماشائي بڻيل آهن.