آرٽيڪل

واپسي

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
us troopsآمريڪي صدر باراڪ اوباما افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي جنھن تحت ھن مھيني کان افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويندو. ھن سال .1 ھزار آمريڪي فوجي ھليا ويندا جڏھن تھ آئيندھھ سال 52 ھزار آمريڪي فوجي افغانستان جي سرزمين کي ڇڏي ويندا. ٽن سالن جي دوران افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جي تعداد ۾ چٽي خاصي گھٽتائي ڪئي ويندي، آمريڪي فوجين جي افغانستان مان واپسي ھڪ تاريخ جو ورجا/ ھوندو، ان تاريخ ۾ افغانستان ۾ غير ملڪي فوجون ڪڏھن بھ مستقل قيام ناھن ڪري سگھيون ۽ افغان سرزمين کي ھڪ ڏينھن ڇڏي وڃن ٿيون. دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قيادت ڪندڙ ملڪ آمريڪا جي فوجين جي واپسي حقيقت ۾ افغانستان مان پوري نيٽو فوج جي واپسي جو پيش خيمو آھي، ان سان ئي اولھھ ملڪن جي فوجين جي واپسي جو عمل بھ شروع ٿي ويندو. پاڪستان جي ھٿياربند فوج جو سربراھھ جنرل اشفاق پرويز ڪياني بھ ان ڳالھھ جو اعلان ڪيو آھي تھ جيڪڏھن قبائلي عوام پاڻ قبائلي علائقن ۾ امن امان جون ذميواريون سنڀالي وٺي تھ پاڪستاني فوج اھي ذميواريون کين سونپي بيرڪس ۾ واپس اچي ويندي، سوويت فوج جي افغانستان تي حملي دوران ھي ملڪ خطي ۽ دنيا جو ھڪ ناسور بڻجي ويو ھو، ايشيا جي ان غريب ملڪ جو معاشرتي ۽ سماجي ڍانچو تباھھ ۽ برباد ٿي ويو، لکين افغاني پنھنجي سرزمين کي ڇڏي پناھھ وٺندا رھيا، پاڪستان ۾ .6 لک کان وڌيڪ افغان مھاجرن پناھھ حاصل ڪئي ۽ اڄ اھي پاڪستاني معاشري ۾ رچي وسي ويا آھن، لکين افغان ٻار پنھنجي اباڻي سرزمين متعلق ڪجھھ نھ ٿا ڄاڻن ۽ اھي حقيقت ۾ پاڪستاني ئي آھن، جڏھن اھي ٻار افغانستان واپس ويندا ۽ مستقبل جي افغانستان جي ڀڄ ڊُڪ سنڀاليندا تھ افغانستان ۾ ويھي پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ قوتون پنھنجو موت پاڻ مري وينديون.
افغان مسئلو عالمي برادري جو پيدا ڪيل آھي، جنھن جو نتيجو افغانستان سان گڏوگڏ پاڪستان کي بھ ڀُڳتڻو پوي ٿو. دھشتگردي جي باھھ جا شعلا پاڪستان کي بھ ساڙي رھيا آھن ۽ جيڪڏھن عالمي برادري ھاڻي بھ پنھنجي ذميواري پوري نھ ڪئي تھ ان باھھ جا شعلا خطي جي سمورن ملڪن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي وٺندا ۽ ان جي گڏيل اثرن کان دنيا جو ڪوبھ ملڪ محفوظ نھ رھندو. افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي جو اعلان ڪري آمريڪي صدر بارڪ اوباما حقيقت ۾ ان ڳالھھ جو اشارو ڏنو آھي تھ عالمي برادري ھاڻي افغان مسئلي جي حل لاءِ سنجيدھھ آھي ۽ پنھنجون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ تيار بھ آھي. سوويت يونين جي فوج جي افغانستان مان واپسي کان پوءِ عالمي برادري انھن لکين مجاھدن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو ھو، جن کي پوري دنيا جي مسلم ملڪن مان جھاد جي نالي تي گڏ ڪيو ويو ھو ۽ سوويٽ يونين جي خلاف جنگ ۾ اُڇليو ويو ھو، مجاھدن جا اھي ٽولا پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ رھڻ تي مجبور ٿي ويا ھئا، انھن مجاھدن جي پنھنجي حڪومتن بھ کين قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، پاڪستان وٽ انھن لکين تربيت يافتا مجاھدن سان منھن ڏيڻ لاءِ وسيلا موجود نھ ھئا ۽ آمريڪا پاڪستان تي پابنديون لڳائي ڇڏيون ھيون پاڪستان جي پاليسي سازن لاءِ ٻيو ڪوبھ رستو باقي نھ بچو ھو تھ اھي انھن لکين مجاھدن کي پنھنجو دشمن بڻائڻ جي بدران پنھنجو دوست بڻائي وٺي ۽ پنھنجي اسٽريٽجڪ مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري. اڄ عالمي برادري جيڪڏھن طالبان ۽ القاعدا کي دھشتگرد قرار ڏئي انھن جي خاتمي جي خواھشمند آھي تھ انھن جي تخليق ۽ ترقي جي ذميواري بھ عالمي برادري تي ئي پوي ٿي. افغانستان مان غير ملڪي فوج جي واپسي کان پوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ دھشتگردي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ پاڪستان دشمن قوتن جي لاءِ افغانستان ۾ ويھي پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪرائڻ جا موقعا بھ محدود ٿي ويندا…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button