هٿياربندن پاران سنڌي اخبارن جا بنڊلن کي باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي شهر لڳ سنڌي اخبارن جا بنڊل کڻي ويندڙ ڪار کي روڪي هٿياربندن پاران اخبارن کي باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش ، صحافين ۽ ادبي ڌرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل ٺٽي ٿاڻي تي ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل. حيدرآباد کان ٺٽي سنڌي اخبارون کڻي ايندڙ وين نمبر جيئن ئي ٺٽي شهر ۾ اخبارن جا بنڊلن لاهڻ بعد سجاول رواني ٿي ته ٺٽي شهر لڳ ٺٽو باءِ پاس موڙ وٽ درگاهه بابو شاهه بودلو جي سامهون موٽرسائيڪل سوار 3 نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڪار کي روڪي ڪار ڊرائيور سليمان ۽ بلاول کي سخت تشدد بعد يرغمال بڻائي ورتو ۽ سجاول ،جاتي ۽چوهڙجمالي شهرن کڻي ويندڙ اخبارن جا بنڊل ڦر ڪري ورتا بعد ۾ هٿياربندن ڪار کي باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر بعد ۾ ڊرائيور جي منٿن بعد ڪار کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته اخبارن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ، ساڙڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملندي ئي ٺٽي جا صحافي واقعي واري هنڌ پهتا جڏهن ته ڊي ايس پي ٺٽو يونس رودناڻي ۽ ايس ايڇ او ٺٽو عبدالجميد بروهي واقعي واري هنڌ پهچي واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا ، ان سلسلي ۾ ڪار ڊرائيور محمد سليمان ٻڌايو ته 3 ٻٽ ٻڌل موٽرسائيڪل سوار هٿيارن جي زور تي گاڏي روڪي زوري اخبارن جا بنڊل کسيا ۽ ڪار مٿان پئٽرول هارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر منهنجي منٿن بعد گاڏي کي ڇڏي ڏنو، اهڙي واقعي کان پوءِ ٺٽو جي صحافي برادري توڙي سياسي سماجي ۽ علمي درين اخبارن کي ڦري باهه ڏيڻ واري واقعي کي علم دشمني قرار ڏيندي واقعي جي سختي سان مذمت ڪئي آهي ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.