هندستاني جيلن مان آزادي ماڻيل ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي جا 13 ماهيگير پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) هندستاني جيلن مان آزادي ماڻيل ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي جا 13 ماهيگير پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا ، سندن علائقي ۾ خوشي جي لهر، 9 ماهيگير اڃان تائين هندستان جي جيلن ۾ قيدي بڻيل ، فشرفوڪ فورم سميت ملاح تنظيمن پاران سيرڪريڪ جي حد بندي وارو تڪرار فوري طور نبيرڻ جو مطالبو. تازو پاڪستان ۽ هندسستان جي حڪومت پاران گرفتار ڪيل ملاحن کي مٽا سٽا واري پاليسي تحت آزاد ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ کاروڇاڻ تعلقي جي ساحلي علائقي آٿرڪي جا رهواسي 13 ملاح آزادي ماڻڻ بعد ڪراچي پهچڻ کان پوءِ گذريل رات ديرسان پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا آهن ڪراچي پهچڻ تي ڪاتيار ۽ سولنگي برادري جي 13 ماهيگيرن جو ڪراچي ۾ سندن مائٽن استقبال ڪري سندن آجيان ڪرڻ بعد کين جلوس جي صورت ۾ پنهنجي ماڳن ڏانهن وٺي آيا، جتي جشن جو سماءُ نظر اچي رهيو هو هندستان جي راجستان واري علائقي جي مختلف جيلن ۾ 3 مهينا قيد ڪاٽڻ بعد آزادي ماڻيندڙ ملاحن ۾ مبارڪ سولنگي، احمد ڪاتيار، اسلم سولنگي، محمد حسين، عمر ڪاتيار ، ولي محمد ڪياتيار، قادر بخش ، خان محمد سولنگي، حسن علي سولنگي، ساجن سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن، آزادي ماڻيل ماهيگيرن ٻڌايو ته کين 3 مهينا اڳ سير ڪريڪ ڀرسان حجامڙو ڪريڪ وٽان پاڪستاني حدن اندر مڇي جو شڪار ڪندي هندستان جي سيڪورٽي فورسز جارحاڻي انداز ۾ مٿن تشدد بعد گرفتار ڪري راجستان جي مختلف جيلن ۾ قيد رکيو ۽ اتان جي سيڪورٽِي ادارن جي اهلڪارن جو ساڻن رويو انتاهي غير اخلاقي ۽ نامناسب رهيو هنن چيو ته وقت سر کين ماني نه کارائي ويندي هئي هوڏانهن فشرفوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه، ضلعي صدر گلاب شاهه ۽ ٻين آزادي ماڻيل ملاحن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ سامونڊي حد بندي جي تڪرار جو سبب بڻيل سير ڪريڪ وارو معاملو حل ٿيڻ تائين ماهيگيرن سان ٿيندڙ جارحيت وارو معاملو حل نه ٿيندو ان ڪري ٻئ ملڪ انساني همدردي ۽ فراخ دلي جو مظاهرو ڪندي ڳالهين ذريعي سير ڪريڪ جي حد بندي وارو معاملو نڀيرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪن، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ضلعي جي شاهبندر ۽ جاتي تعلقن سان تعلق رکندڙ وڌيڪ 9 ماهيگير گذريل 15 سالن کان وٺي هندستان جي جيلن ۾ قيدي بڻيل آهن پر هندستان جي پوليس کين آزاد ڪرڻ يا ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته 1999ع جي سامونڊي طوفان ۾ گم ٿيل 10 کان مٿي ماهيگير پڻ هندستان جي راجستان وارن جيلن ۾ بيگناهي جي سزا ڪاٽي رهيا آهن جن جي خلاف هندستان جي عدالتن ۾ ڪيس نٿا هلايا وڃن جنهن سبب سندن مائٽ سخت پريشاني جو شڪار آهن.