ڪوٽ ڏجي

هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ ترقياتي ڪم موجوده حڪومت جي اولين ترجيحات آهي: قائم علي شاھ

Qaim Ali Shah1خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ ترقياتي ڪم موجوده حڪومت جي اولين ترجيحات آهي. وڏي وزير اهڙو اظهار ڪوٽ ڏجي تعلقي جي ڳوٺ محمد سومر ملاح ۾ حاجي امتياز ملاح سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت کانپوءِ مختلف ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت عوام جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي جنهن ۾ صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا جنهن سان هزارين ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچايو ويندو. جڏهن ان کان اڳ وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه ڳوٺ محمد سومر ملاح ۾ پنهنجي خاص معاون حاجي امتياز ملاح ۽ سنڌ بئنڪ جي ايريا مئنيجر شمس العباس ملاح سان سندس چاچي فوتي محمد رتل ملاح جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان اڳوڻو ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه، ڊي آءِ جي ظفر عباس بُخاري، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، چيف انجنيئر سکر بئراج ويسٽ بئنڪ آغا اعجاز پٺاڻ ۽ ٻيا سرڪاري عملدار توڙي پارٽي ورڪر گڏ هئا. جڏهن ته تعزيت دوران فوتي محمد رتل ملاح جا پُٽ حاجي منور علي ملاح، حاجي ابرار حُسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. بعد ۾ وڏي وزير خيرپور ۾ جيلاني محلي ۾ مسعود احمد شاهه سان سندس والده جي وفات تي پڻ تعزيت ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ مختلف ماڻهن جي وفدن سان ملاقاتون ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ واسطيدار اختيارين کي سندن مسئلن جي حل لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون. جڏهن ته سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ وڏي وزير کي 70 ملين روپين جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ نئين تيار ٿيندڙ سرڪٽ هائوس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ بريفنگ ڏني. جڏهن ته وڏي وزير آبپاشي عملي جي اعلى آفيسرن سان ملاقات ڪري بندن جي مرمتي صورتحال جي حوالي سان ڄاڻ ورتي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button