هر ڳالهه کان اتم پهرين پنهنجي ڌرتي آهي جنهن جو هر محاذ تي دفاع ڪيو ويندو: سسئي پليجو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ جي ثقافت واري وزير سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ هڪ تاريخي خطو آهي جنهن جي پنهنجي عظيم تاريخ تهذيب ، ثقافت ٻولي ۽ تمندن آهي اسان لاءِ هر ڳالهه کان اتم پهرين پنهنجي ڌرتي آهي جنهن جو هر محاذ تي دفاع ڪيو ويندو هن اهڙن خيالن جو اظهار مڪلي تي پليجو هائوس ۾ شاگردن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي چيو ته اسين ڪڏهن به پنهنجي ايندڙ نسل کي ٽڪرن ۾ ورهائي سنڌ ڏيڻ نه ڏينداسين جيڪي به ڌريون اهڙي سنڌ دشمن سوچ کي هٿي ڏين ٿين اهي سنڌ ۽ پاڪستان جي سالميت خلاف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن کي منهن جي کائڻي پوندي. هن چيو ته اسان جي صوفياڻي طبيعت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي جڏهن جارحيت تي اينداسين ته پوءِ انهن غدار ڌرين کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي ، سياستون هلنديون رهنديون آهن پر هن قسم جي ڌرتي دشمن سازش تي سنڌ جي سڀني لبرل ، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ڌرين سان گڏ آهيون ، هر وار، نقصان برداشت ڪيو پر سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به عملي ڪارروائي ۽ منصوبو ڪاميابي ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ان لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پ پ ڪڏهن به سنڌ جي خلاف اهڙي ۽ غدارانا سازش کي اڀرڻ نه ڏيندي ۽ ان حوالي سان هر قسم جي رستاروڪندي هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي پڻ پنهنجي مستقبل سان گڏ وگڏ سنڌ جي مستبقل تي به ڪرڙي نظر رکڻ گهرجي .