هاڻ ٻوڏ نه ايندي، آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪن: حاجي مظفر شجراه
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر بحالي واري وزير حاجي مظفر شجراه چيو آهي ته هاڻ ٻوڏ نه ايندي، آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪن پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت پنهنجون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن هن اهڙن خيالن جو اظهار سجاول لڳ سماجي تنظيم پاران ٻوڏ متاثر ڳوٺ اسماعيل ميرجت ۽ پسند مائيسري ۾ تعمير ڪرايل گهرن جي معائني ڪرڻ بعد جيم خانه مڪلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو پاڻي کي روڪڻ لاءِ بندن جي ضرورت هوندي ۽هن وقت بند مضبوط آهن تنهنڪري هن سال پاڻي خير خوڀي سان گذري ويندو ۽ صرف ڪچي جا ڪجهه علائقا ٻڏندا، هن انڪاشف ڪندي چيو ته ته هن ڀيري 8 کان 10 لک ڪيوسڪس تائين ٻوڏ اچي سگهي ٿي پر ان سان بندن تي ڪو اثر نه پوندو ڪراچي جون 144 عمارتون انتهائي خطرناڪ قرار ڏيڻ بعد ماڻهو اتي زبردستي رهائش پذير آهن جنهن لاءِ بڊلنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪارروائي لاءِ چيو ويو آهي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ عالمي ادارا انگ اکر ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن پر اڪثر اين جي اوز ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي نالي تي ڪرپشن ۽ ڏاڍ مڙسي ڪئي آهي جنهن لاءِ هن ڀيري کانئن حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ سندن کاتي پاران خصوصي سيل قائم ڪيا پيا وڃن ۽ 130 اين جي اوز جي رجسٽريشن ڪري کانئن امدادي خرچ بابت تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هر ضلعي جي ڊي سي اوز کي الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ حيدرآباد سکر ۾ ريسڪيو سينٽر قائم ڪرڻ سان گڏ ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي جو نمائندو پڻ موجود هوندو ، هن چيو ته اڳوڻي سال آيل مها ٻڏو بابت خبر نه پئي پر اڳوڻي حڪومت 14 سالن جي عرصي ۾ بندن تي ڪو به ڪم به نه ڪرايو ۽ بند ڪمزور هجڻ ڪري ايڏي وڏي تباهي آئي ، هن چيو ته سڀني حفاظتي بندن تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن ۽ مرمتي ڪم به بهتر ٿيا آهن ، البته انهن ڪمن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪمي پيشي ٿي سگهي ٿي هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارِڊ تحت 20 – 20 هزار رپيا ڏنا ويا ۽ هاڻ سجي سنڌ ۾ هڪ لک گهر اڏي ڏنا ويندا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ڪراچي ۾ حالتن کي بهتربنائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي ساڻس گڏ سماجي تنظيم هينڊز جا نمائنده ڊاڪٽر تنوير شيخ، اعجاز ميمڻ، مصطفيٰ زنئور ، غلام حسن بلوچ ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.