ڪراچي

هاڻي متحده وزيرن جي واپسي جو خواب لڌو ته ٻڌائيندس: منظور وساڻ

Manzoor Wassan1ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ چيو آهي ته گورنر عشرت العباد جي واپسي وارو منهنجو خواب سچو ٿي ويو آهي، هاڻي متحده جي مستعفي وزيرن جي واپسي جو خواب ڏسندس ته ضرور ٻڌائيندس. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون پارٽي کان مٿانهون ٿي سوچيندو آهيان، اميد آهي ته وري ننڊ ڪرڻ جو موقعو مليو ته ٻيهر سٺو خواب ڏسندس. صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ چيو ته امن لاءِ سٺا خواب ڏسڻ گهرجن، پيپلزپارٽي ۽ متحده وارا پاڻ ۾ ڀائر آهن، آئون سچا خواب ڏسندو آهيان ڪراچي ۾ امن لاءِ گڏجي ڪوششون ڪنداسين ۽ امن جي بحالي کي يقيني بڻايو ويندو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button