نواز شريف پارٽي جو بنامقابلي صدر منتخب ٿي ويو
اسلام آباد: نواز ليگ ميان نواز شريف کي بنا مقابلي پارٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو، جاويد هاشمي سينئير نائب صدر هوندو، سرتاج عزيز پارٽي جو سيڪريٽري ٿيو ويو آهي، ميان نواز شريف چيو آهي ته اصولن جي سياست تي تنهائي جو طعنو قبول آهي عدليه جي فيصلن جي بي حرمتي ۽ ڪرپشن تي ماٺ نه ويهنداسين، ڪالهه نواز ليگ جي اسلام آباد ۾ ٿيل جنرل ورڪر ڪنوينشن ۾ ميان نواز شريف کي پارٽي جو بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو آهي، انهي موقعي تي قراردادون منظُور ڪندي چيو ويو آهي ته مشرف جي خلاف ڪيس هلائڻ، گم ٿيل ماڻهن بازياب ڪرايو وڃي، پاڪ ڀارت ڳالهيون اعلان لاهور جي روشني ۾ ڪيون وڃن، آزاد ڪشمير چونڊن ۾ ڌانڌلين جي مذمت ڪئي وئي آهي،ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اهو سمجهيو ويو ته نواز ليگ ختم ٿي وئي آهي پر هاڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي ته عوام جي طاقت بندوق جي طاقت کان وڌيڪ آهيم هن چيو ته ڇا نوي جي ڏهاڪي ۾ بلوچستان ائين ٻريو پيو، ڪراچي ۾ رت جون نديون وهي رهيون هيون پاڪستان جي خودمختياري جي اها حالت هئي ڇا اوهان خودڪش ڌماڪا ٻڌا ڇا ملڪ اونداهي ۾ ٻڏل هو، 99 ع وارو پاڪستان اڳيان اچڻ بدارن پويان هليو ويو آهي، قائداعظم ڪنهن خراب ڪيو آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي ريزا ريزا ڪيو ويو اڪبر بگٽي بالاچ کي شهيد ڪيو ويو ججن کي قيد ڪيو ويو، هن چيو ته ملڪ اندر آمريت جو کيل جاري هو ته اسان 15 مئي 2006 تي ميثاق جمهوريت تي صحِيحون ڪيون نواز ليگ اهو عهد ڪيو ته انهي تي عمل ڪيو ويندو چونڊن بعد پي پي اسان اسان اتحاد جو خيال ڏيکاريو، ، پي پي به انهي کي منشور جو حصو بنايو، محترما جي آخري وصيت ميثاق جهموريت هئي پر زرداري انهي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ججن جي بحالي وقت پنجاب ۾ گورنر راڄ هو، شهباز شريف ۽ مونکي پي سي او ججن ذريعن نااهل ڪيو ويو، اسان انهي باوجود لانگ مارچ ختم ڪري ڇڏيو، اسان کي چيو ويو ته مشرف جي قدم کي جائز قرار ڏنو وڃي پر اسان صاف انڪار ڪيو، ججن کي عوامي طاقت سان بحال ڪرايو، اين آر او جي مخالفت ڪئي، اسان ارڙهين اوڻيهه ترميم جي بحالي جي ڪري حڪومت کي ساٿ ڏنو، اسان سترهين ترميم جي خاتمي تي زور ڏنو، هن چيو ته اسان کي تنهائي جا طعنه ڏنا وڃن ٿا، عوام کان پڇي ڏسو ته هو ڪنهن سان گڏ آهن، هڪ سياسي گروپ پنهنجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن، اسان جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي آزمايل ماڻهو آهن اسان کين ٻڌايون ٿا ته اسان کي جڏهن آزمايو ويو پر اسان کي ڏهن سالن بدران ٻن مدتن اندر اڍائي اڍائي سال جو وقت مليو آهي،انهي باوجود اسان رڪارڊ قائم ڪيو آهي،ترقياتي رڪارڊ ڪم ڪرايا، گوادر پورٽ، غازي بروٿا، موٽر وي، چشما پلانٽ، اوورسيز پاڪستان جي سهوليتن سميت سوين ڪم ڪيا،ضلعي ٽئڪس جو سرڪاري جڳا ٽئڪس جي فرسوده نّظام اسان ختم ڪيو، پيلي ٽئڪسي جي اسڪيم اسان شروع ڪئي،سنڌ ۾ بي زمين هارين کي اسان زمين ڏيڻ شروع ڪئي هئي،
نواز شريف چيو ته پنجاب حڪومت توڙي نواز ليگ جي قيادت تي ڪرپشن جو ڪو الزام ڪونهي،پاڪستان جي خدمت لاءِ انهي کان به وڌيڪ ڪم ڪريو، شهباز وڌي محنت سان ڪم ڪري رهيو آهي،هن چيو ته ڪجھ ماڻهو آهن جيڪي پاڻ کي مسٽر ڪلين سمجهي دوکو ڏئي رهيا آهن، اسان کي ڪيترائي چئلنج آهن، معاشي چئلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان وڏي ايجنڊا ۽ هڪ پروگرام آهي، اسان جو ملڪ پوئتي پيل ناهي پر نااهلي بدعنواني اسان کي اهڙو ڪري ڇڏيو آهي، اسان وٽ اها بهترين اقتصادي ٽيم آهي جيڪا فخر جي ڳالهه آهي، هن چيو ته زرداري مون تي تنقيد ڪرڻ جي لاءِ شهيد بينظير ڀٽو جي مزار کي چونڊيو آهي، هن چيو ته جڏهن به فوجي بغاوتون ٿيون آهن وڏو نقصان رسيو ئي فوج کي آهي، مضبوط فوج اسان جي ضرورت آهي، ملڪي دفاع جي لاءِ اهڙي فوج ضروري آهي، هن چيو بجلي بحران ، گئس بحران عام ماڻهن کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڪي اي سي ۾ حڪومتي مداخلت جي ڪري مسئلا وڌي رهيا آهن، اربين رپين جو ٽئڪس چوري ٿي رهيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ بجلي هڪ ڪلاڪ نه ويندي هئي سستي بجلي هئي اڄ اگھ ڏسي وٺو،اسان ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ گهرون ٿا، نواز شريف چيو ته خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري جمهوريت بدنام ٿي رهي آهي ڪجھ ماڻهو پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ پورا آهن، هن چيو ته عدليه جي بي حرمتي ٿي رهي آهي عدالت جنهن کي بحال ڪري ٿي انهي کي حڪومت برطرف ڪري ڇڏي ٿي، اسان در در تي ڪشتو کڻي نه پئي گهمياسين،هن چيو ته ملڪ اندر بدعنواني جو راڄ آهي، انهي موقعي تي نواز شريف کان نواز ليگ جي صدر طور پارٽي جي چئرمين راجا ظفر الحق حلف ورتو ،انهي موقعي تي ميان شهباز شريف جاويد هاشمي جو نالو سينيئر نائب صدر طور تجويز ڪيو، جاويد هاشمي انهي موقعي تي چيو ته مون نواز ليگ جي قائم مقام صدر طور ڪم ڪيو آهي هاڻي مون ڪو عهدو نه ٿي وٺڻ چاهيان، مون چيو ته آئون نواز ليگ سان گڏ آهيان، پر ميان نواز شريف چيو ته نه توهان کي پارٽي سان گڏ هلڻو آهي، مون تي توهان اعتماد ڪيو آهي، آئون گستاخيون ڪندو آهيان اهي ڪندو رهندس، اسان سڀ پاڪستان جي ڪري آهيون، موجوده حڪومت کي عوام جي مسئلن جو ڪو خيال ناهي، صدر آصف علي زرداري جڏهن صدر پئي ٿيو ته مون چيو ته جيڪڏهن هي صدر ٿيو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندو، هو اهڙو صدر آهي جنهن آڏو ڪو اصول ناهي نه وري ڪنهن آڏو جوابده آهي،مون ڄاڻي واڻي اهو چيو هو ته زرداري جي سياست کي سمجهڻ جي لاءِ پي ايڇ ڊي جي ضرورت آهي، اصول ضروري آهن انهن جي قدمن ڏانهن به ڏسڻ جي ضرورت آهي،انهي موقعي تي ميان شهباز شريف چيو ته نواز شريف اسان جو ليڊر آهي، ساڻس گڏ ڪيترائي پراڻا ساٿي آهن، جڏهن اڳ ۾ نواز شريف نواز ليگ جو صدر ٿيو هو ته هن ساٿين سان گڏجي تحريڪ نجات شروع ڪئي هئي انهي بعد ملڪ ۾ نواز ليگ جي حڪومت بحال ڪرائي هئي، سموري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو هو، هن چيو ته عدليه جي عزت لٽي پئي وڃي عدالتن جي فيصلن کي لتاڙيو پيو وڃي، اين آئي سي ايل ڪيس ۾ اربين رپين جو ڌاڙو لڳو آهي انهي کي بچائڻ جي لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي.ججن ۾ الله ايتري جرعت ڏني آهي جو هو چورن کي ناڪيلي وجھن انهن ۾ زرداري به شامل آهي زرداري سان گڏ هي علي بابا چاليهه چورن جو ٽولو آهي، اڄ نواز شريف فيصلو ڪري ۽ هنن بتن کي پاش پاش ڪري ڇڏي،هن چيو ته هڪ طرف اين آر او وارا حڪمران آهن، سوئٽرزلينڊ جي بئنڪن ۾ پئسا پيل رهن ۽ اسان وري پنجاب ۾ حڪومت ڪندا رهون اسان کي اهو منظور ڪونهي مونکي حڪم ڪيو وڏوزارت تان استعيفي ڏئي گھٽي گھٽي ۾ ويندس زرداري حڪومت جي خلاف بيهندس، اهو ممڪن ناهي ته پنجاب ۾ نواز ليگ جي حڪومت ڪريون ۽ باقي پاڪستان م ڪجھ نه هجي ماڻهن کي کائڻ جي لاءِ ڪجھ نه ملي، پاڪستان جي عوام نواز ليگ جي سر تي مٿي اهم عهدو رکيو آهي عوام چوي ٿو ته اڄ ئي لشڪر تيار ڪيو سمورين چورن ڦورن کي ڀڄائي ڪڍو.عوام هاڻي اهو ٻڌڻ جي لاءِ قطعي تيار ڪونهي ته هي نظام هلڻ گھرجي، چورن پاڪستان کي لٽي ڇڏيو آهي باقي پاڪستان کي بچائي وٺو
مانيٽرنگ ڊيسڪ