سکر

نئين صوبي ٺاهڻ جي چاڪنگ سنڌ جي خلاف سازش آھي: جي يو آءِ

karachi province wall chalkingسکر(بيورورپورٽ)جي يو آءِ جي اجلاس ۾ نئي صوبي ٺاهڻ جي چاڪنگ سنڌ جي خلاف سازش قرار ڏئي ان جي شديد مذمت ۽ مزاحمت ڪرڻ جو اعلان. خبر موجب جي يو آءِ ضلعي سکر جي مجلس شوريٰ جو هڪ اهم اجلاس مدرسه دارالقرآن مائيڪرو ڪالوني سکر ۾ منعقد ٿيو. جنهن جي صدارت ضلعي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي. اجلاس ۾ مفتي شفيع محمد سنڌي، مولانا محمد صالح انڍهڙ، عبيدالله ڀٽو، مولانا عبدالحق مهر، مولانا غلام مصطفيٰ ٻرڙو، مولانا غلام نبي، مولانا عبدالڪريم عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هڪ مذمتي قرارداد منظور ڪندي ڪراڇي ۾ دهشتگرد جي واقعن بعد هاڻي نئين صوبي لاءِ ديوارن تي ڪيل چاڪنگ کي سنڌ جي خلاف گهري سازش قرار ڏيندي ان جي پرزور لفظن ۾ مذمت ڪئي ويئي. ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سازشي عناصر ۽ سنڌ دشمن قوتن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس کي ضلعي صدر ۽ صوبائي نائب امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ ٻيو صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان گڏ غداري تصور ڪريون ٿا. جنهن کي ڪهڙي به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ جا لکين علماءَ ڪفن سرن تي ٻڌي ڪري سنڌ جي حفاظت لاءِ ميدان ۾ نڪري ايندا. هنن چيو ته ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ٺاهڻ وارا احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال اهيو پيدا ٿئي ٿو آخر متحده کي حڪومت سان عليحدگيءَ بعد اهي سازشو ڇو ڪندي آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انهن سنڌ دشمن سازشي عناصرن کي بي نقاب ڪري ۽ انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي آخر ۾ سنڌ ۾ ڪمشنري نظام ۽ حيدرآباد ضلع کي اڳوڻي حيثيت ۾ بحاليءَ جي حمايت ڪئي. اجلاس ۾ ضلع سکر ۾ وڌندڙ بدامني، ڪرائيم جي وارداتن، لوٽ مار جي واقعن، فراهمي ڊرينيج سسٽم جي انتظام ۾ بري طرح ناڪاميءَ تي متعلقه ضلعي حڪام کي تنقيد ڪندي چيو ويو ته عوامي مسئلا حل لاءِ جي يو آءِ پاران جلد احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button