موجوده پ پ جي جهموري حڪومت عوام ۽ جهموريت ۾ ويساه رکندڙ حڪومت آهي: ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني
ٺـٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ جي اقليتي معاملن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني چيو آهي ته موجوده پ پ جي جهموري حڪومت عوام ۽ جهموريت ۾ ويساه رکندڙ حڪومت آهي جيڪا عوام جي بنيادي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ لاءِ محترما بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي ۽ مختلف مندرن جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته موجوده حڪومت کي اقتدار ملڻ بعد وڏن چئلنجن کي منهن ڏيندي ملڪ مان بيروزگاري جو خاتمو، ترقيتاي ڪم ڪرائڻ ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پاڻ تپوڙي رهي آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان جو ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ سندس دوري جو مقصد اقليتي برادري کي درپيش مسئلا معلوم ڪري انهن کي حل ڪرڻ آهي.. هن چيو ته ٺٽي ۾ زبون حال چرچ ۽مندرن جي جلد مرمت ڪرائي اتي پوجا لاءِ ايندڙ اقليتي برادري جي ماڻهن کي يقيني بنايو وڃي ۽ سندن مئسلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. هن ان موقعي تي ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن مان آيل اقليتي برادري جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ کانئن درخواستون وصول ڪري کين يقين ڏياريو ته سندن مسئلن کي جلد حل ڪرايو ويندو بعد ۾ صوبائي وزير ٺٽي برج مندر، شيوو مندر، ڌرم شالا مندر دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ، ايم پي اي حاجي عثمان جلباڻي ، اقليتي ايم پي اي چيتن ملاڻي، ضلعي ائڊمنسٽريٽر ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، ڊي پي او فداحسين مستوئي ، اقليتي معاملن وارو صوبائي سيڪريٽري شهاب الدين چنا ۽ مختلف کاتن جا عملدار ۽ اقليتي برادري جا ماڻهو موجود هئا.