موجوده حڪومت عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي: سيد قائم علي شاهه
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻائي عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن اهڙو اظهار سٽي اسپتال خيرپور ۾ تُرڪي حڪومت پاران 10 لک روپين جي لاڳت سان قائم ڪيل شهيد بينظير ڀٽو پولي ڪلينڪ کي پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ڪرڻ ۽ ڊي پي او آفيس ۾ ضلعي حڪومت پاران 90 لک روپين جي لاڳت سان قائم ڪيل خيرپور شهر اندر ڳجهي ڪئمرائن واري ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي افتتاح بعد ماڻهن جي مختلف وفدن سان ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته صوبي اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جديد اوزارن جي مدد ورتي پئي وڃي جنهن سان صوبي اندر ڏوهن ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده جمهوري حڪومت صوبي توڙي ملڪ ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهي آهي جڏهن ته سرڪاري شعبن خاص طور تي صحت ۽ تعليم ۾ بهتري آندي پئي وڃي ته جيئن عوام کي وڌ ۾ وڌ بهتر سهولتون حاصل ٿي سگهن. وڏي وزير کي پي پي ايڇ آءِ ۽ صحت کاتي پاران ٻُڌايو ويو ته تُرڪي حڪومت پاران 10 لک روپين جي لاڳت سان سٽي اسپتال اندر قائم ڪيل شهيد بينظير ڀُٽو پولي ڪلينڪ ۾ 30 ملين روپين جا صحت متعلق جديد اوزار ۽ 15 ملين جي لاڳت جون دعوائون پڻ ڏنيون ويون آهن. بعد ۾ وڏي وزير ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي 29 هين ورسي جي موقعي عطا محمد حامي جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ورسي جي تقريبن جو افتتاح ڪيو جڏهن ته مزار ويجهو 57 لک روپين جي لاڳت حامي يادگار پارڪ ۽ مزار جي مرمتي ڪم جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان پيپلز پارٽِي جو ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه، ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ ، آر پي او سکر سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊي سي او محمد عباس بلوچ، ڊي پي او عرفان بلوچ ۽ ٻيا عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.