ماهيگير تنظيمن ڍنڍن ۽ ڍورن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ملاحن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي ماهيگير تنظيمن ڍنڍن ۽ ڍورن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ملاحن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ رمضان شريف دوران دستخطي مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هزارين ملاحن جي صحيحن سان درخواست تيار ڪري صدر آصف زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ قائم علي شاهه کي اماڻي ملاحن سان ٿيندڙ نا انصافي بابت آگاهي ڏني ويندي، مڇي مارڪيٽ ٺٽو ۾ ڪينجهر فشرمين ويلفيئر سوسائٽي ٺٽو جي چيئرمين آدم گندرو جي صدارت هيٺ ملاح اتحاد تحريڪ، ماهيگير ايڪشن ڪميٽي ۽ ڪينجهر فشرمين ويلفيئر سوسائٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ سنڌو درياهه جي مياڻين، سونهري مياڻ، دولت پور، مٽڪا، جهمپير، فقير جو ڳوٺ، هڏيرو ڍنڍ، سانول پور، سونڊا، جهرڪ ، گهوڙاٻاري ۽ ٻين علائقن جي ملاحن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملاحن جي احتجاجن باوجود مٺن پاڻين جي ڍنڍن جي ڍورن تا بااثر ماڻهن جا قبضا خالي نه ٿيڻ ، ڪچي جي زمينن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ اتان مقامي ملاحن کي بيدخل ڪرڻ ۽ ملاحن کي روزگار جو حق نه ڏيڻ واري معاملي تي سخت ڳڻتي ۽ تشويش جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته آدم گندرو جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي ماهيگيرن جي هڪ ڪميٽي ايندڙ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ماهيگيرن سان رابطا مهم جو آغاز ڪندي تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ضلعي جي سمورن ملاحن کان صحيحون وٺڻ لاءِ دستخطي مهم هلائي ويندي ۽ جاڻايل ڪميٽي ضلعي جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ چونڊيل عيوضين سان ملاقاتون ڪرڻ سميت صدر ۽ وزير اعليٰ کي هزارين ماڻهن جي صحيحن تي مشتمل هڪ درخواست اماڻي ملاحن جي مسئلن کان آگاهي ڏياريندي ان موقعي تي اجلاس کي آدم گندرو ، علي حسن پارهيڙي، نور محمد ٽويو، هاشم سولنگي، عرس ملاح، عمر سرائي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.