خيرپور

ماضي جي آمر حڪمرانن ڪالا باغ ڊيم جو راڳ ڳايو پر پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ سان عوام مخالف ڪالاباغ ڊيم جي رينگٽ کي هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو: قائم علي شاھ

CM book inaugurationخيرپور : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت چور دروازي کان نه پر چونڊن وسيلي اقتدار ۾ آئي آهي ۽ حڪومت پنج سال پورا ڪندي. هن چيو ته جيستائين عوام جو ساٿ پيپلز پارٽي سان آهي تيستائين حڪومت کي ڪير به لوڏي نٿو سگهي. هن اهڙو اظهار ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ سنڌ جي برک شاعر ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي 29 ورسي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي عوام سڀني کي آزمايو آهي ۽ عوام جي طاقت ۽ مهرباني سان پيپلز پارٽي چونڊ ذريعي اقتدار حاصل ڪيو آهي جڏهن ته ماضي ۾ آمرن چور دروازي ذريعي اقتدار ۾ اچي عوام مخالف فيصلا ڪيا ۽ پاليسون جوڙي عوام جي خزاني جي ڀينگ ڪئي. هن چيو ته ماضي جي آمر حڪمرانن ڪالا باغ ڊيم جو راڳ ڳايو پر پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ سان عوام مخالف ڪالاباغ ڊيم جي رينگٽ کي هميشه لاءِ بند ڪيو. CM Speechهن چيو ته هي سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ حڪومت عوام جي ترقياتي ڪمن لاءِ 161 ارب روپيه رکيا آهن. وڏي وزير چيو ته هن سال وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وينديون جڏهن ته ڪچن ملازمن کي سندن سٺي ڪارڪردگي ۽ تجربي جي بنيادن تي کين پڪو ڪيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مخالفن حڪومت خلاف ڪيترائي محاذ جوڙيا ويا پر کين هميشه ناڪاميون نصيب ٿيون اٿن جڏهن عوام سڀني کي آزمايو آهي ۽ هاڻي به عوام پيپلز پارٽي جي حڪومت جي 5 سالن جي خدمت کانپوءِ ٻيهر فيصلو ڪندي ۽ جيستائين عوام پارٽي سان گڏ تيستائين مخالف ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن. وڏي وزير چيو ته پروفيسر عطامحمد حامي هڪ آفاقي ۽ انقلابي شاعر هو ۽ آمر جي دور ۾ به وڏي دليري ۽ بهادري سان شعر تخليق ڪري عوام جي جمهوري حقن جي پاسداري ڪئي اٿس. هن چيو ته موجوده حڪومت شاهه لطيف، قلندر شهباز، سچل سميت ڪيترن ئي ٻين آفاقي شاعرن جي شعر جي تحقيق لاءِ هڪ فورم جوڙيو آهي جنهن جي لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته حامي جي شعر جي تحقيق لاءِ پڻ ان فورم کي مدعو ڪيو ويندو. هن چيو ته حامي جي شاعري زندگي جي لاءِ مشعل راهه آهي سندس شخصيت جي ڪيترائي مختلف پهلو ۽ پاسا هئا. حامي هڪ مٺڙو، پيار ڪندڙ ۽ حليم شخصيت رکندڙ ماڻهو هو سندس شعر ۾ مٺاس، محبت ۽ انقلاب آهي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي 29هين ورسي جي تقريبن جو افتتاح ڪيو جڏهن ته 57 لک روپين جي لاڳت سان حامي جي آخري آرام گاهه ۽ حامي يادگار باغ جو پڻ افتتاح ڪيو. پروفيسر عطامحمد حامي جي 29 ورسي جي افتتاحي تقريب کي ايم اين اي نواب خان وساڻ، ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه، ڊاڪٽر نصير سوهو، مقصود گُل ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته ڪيترن ئي ناليوارن محققن استاد عطا محمد حامي جي شاعري ۽ شخصيت تي تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪئي. ان موقعي تي حامي سويئنر ۽ حامي تحقيقي شمارو 2 جو پڻ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي نواب خان وساڻ ۽ ٻين مهورت ڪئي. جڏهن ته گذريل سال پروفيسر عطا محمد حامي جي 28 ورسي جي موقعي تي بهتري مقالي پڙهڻ تي غوث بخش عباسي، بهترين شاعر سجاد ميراڻي، بهترين راڳي ممتاز لاشاري، بهترين ڪارڪن مظهر علي سوهو کي عطا محمد حامي ايوارڊ ڏنا ويا CM Speechجڏهن ته لائيف ٽائيم اچيومينٽ حامي ايوارڊ عطا محمد حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور جي سيڪريٽري لعل بخش منگي ۽ قربان منگي کي ڏنا ويا. جڏهن ته ورسي جي تقريب کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سٽي اسپتال خيرپور ۾ پاڪ تُرڪ ۽ پي پي ايڇ آءِ پاران قائم ڪيل شهيد بينظير ڀٽو پولي ڪلينڪ ۽ ڊي پي او آفيس ۾ شهر اندر لڳايل ڳجهن ڪئميرائن جي نگراني وري سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button