ٽنڊو محمد خان

لنڊن، سعودي ۽ دبئي وارن کان نٿو ڊڄان،آمريت جو مڙس ٿي مقابلو ڪنداسين: ذوالفقار مرزا

zulfiqar mirza 1312 lٽنڊو محمد خان: پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته هو لنڊن، سعودي عرب ۽ دبئي وارن کان نٿوڊڄي جنهن ڪري تمام گهڻن ماڻهن کي هن مان تڪليف آهي. هن چيو ته سندس سسي ڌار ته ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي سامهون جهڪي نه ٿي سگهي. هن چيو ته موجوده حڪومت کي عوام 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ڪنهن ۾ به دم ناهي ته هو 5 سالن کان اڳ پ پ پ جي حڪومت ختم ڪري سگهي. لڪي سازشون ڪندڙ سامهون اچن ۽ اسان جو مقابلو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اڳواڻن کي 11 سالن تائين آمر ڊيڄاريندا رهيا پر اسان جي اڳواڻن انهن جو ڄمي مقابلو ڪيو. تقريب کي پ پ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ضلعي نائب صدر محمد علي قريشي ايڊووڪيٽ ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي جنرل مئنيجر سهيل عباسي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button